Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم زمين تي رهي ڪري آسمان جو مشاهدو فرمائي رهيا آهن. ۽ ڏسو! ڪيترو گهرو مشاهدو آهي ته آسمان جي چار آڱرين جيتري به جاءِ اهڙي نه آهي جيڪا نگاھِ مصطفى کان لڪيل هجي. رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم زمين تي ويهي ڪري ڏسي رهيا آهن ته آسمان تي چار آڱرين جيتري به جاءِ خالي نه آهي جتي ڪو ملائڪ پنهنجي پيشاني رکي ربّ ڪريم جي حضور ۾ سجدو نه ڪري رهيو هجي.

پوءِ سماعتِ مصطفى جو به ڪمال ڏسو! آسمان هتان کان هزارين ڪلوميٽر پري آهي، اسان جهڙن عام انسانن کي ته ٻئي ڪمري ۾ ويٺل ماڻهن جي آواز به ٻڌڻ ۾ ناهي ايندي ۽ سرورِ عالَم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جا مبارڪ ڪن اهڙا آهن جو زمين تي ويهي ڪري هزارين ڪلوميٽر پري آسمان جي چرڙاٽ جي به آواز ٻڌي وٺن ٿا.

دُور و نزدیک کے سننے والے وہ کان                                   کانِ لعلِ کرامت پہ لاکھوں سلام([1])

وضاحت: پياري آقا، مديني واري مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جي مبارڪ ڪنن جو هي معجزو آهي ته پري ۽ ويجھو کان برابر ٻڌن ٿا. اهڙا مبارڪ ڪن جيڪي عزت ۽ عظمت جي موتين جو سرچشمو آهن، انهن مبارڪ ڪنن تي لکين سلام هجن.

 (4) چکڻ جي طاقت مبارڪ

ابوداؤد شريف ۾ حديث پاڪ آهي. هڪ ڀيرو هڪ صحابيه رَضِىَ اللهُ عَنْها پياري آقا    صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي دعوت ڪئي. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي ساڻ ڪري سندن گهر پهتا، کاڌو حاضر ڪيو ويو. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم بِسْمِ اللہ پڙهي ڪري هڪ گرهه کنيو، سندن کي ڏسي ڪري صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم به کاڌي


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ :300۔