Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

دِل جي حالت تبديل ٿي وئي

فيصل آباد (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان اڳ مان بگڙيل ڪردار جو مالڪ هُيس. ڪوڙ، غيبت، چغلي، بدنگاهي جهڙا گناهه منهنجي معمول جو حصو هئا، مون مارشل آرٽ سکيو هو، جنهن جي زور تي ماڻهن سان بغير ڪنهن سبب جي جهيڙو ڪندو هوس، هر نئين فيشن (Fashion) کي اپنائڻ منهنجو شوق هو. افسوس! نماز سان ايترو پري هئس جو مون کي اها به خبر نه هئي ته ڪهڙي نماز جون ڪيتريون رڪعتون هونديون آهن. آخرڪار رحمت جو دروازو کليو ۽ منهنجي قسمت ايئن چمڪي جو دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي دعوت ڏني. دوست جي ڳالهه نه ٽاري سگھيس ۽ ٽي ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر ٿي ويس. مدني قافلي ۾ عاشقانِ رسول جي صحبت جي برڪت سان مون کي زندگي جو مقصد معلوم ٿيو. پنهنجن گناهن تي شرمندگي ٿي، منهنجي اکين مان غفلت جو پردو هٽي ويو، دل جي حالت تبديل ٿي وئي، مون گناهن کان توبهه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ زندگي گذارڻ لڳس.

دل کی کالک دُھلے مرضِ عصیاں ٹَلے                                                     آؤ سب چل پڑیں قافلے میں چلو

کر سفر آئیں گے، تو سُدھر جائیں گے                                                        اب نہ سستی کریں، قافلے میں چلو([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

مختلف ايپلي ڪيشن جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله!دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:669-672۔