Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

الله پاڪ اسان سڀني کي پڪو سچو نمازي بڻائي ۽ سچو عاشقِ رسول ۽ پڪو ميلادي به بڻائي رکي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

ہر عبادت سے برتر عبادت نماز                                                                                  ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز

قلبِ غمگیں کا سامانِ فرحت نماز                                                                                ہے مریضوں کو پیغامِ صحّت نماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈ ک ہے یہ                                       قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نماز

بھائیو! گر خدا کی رِضا چاہئے                                                                                                              آپ پڑھتے رہیں باجماعت نماز

قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪريو...!!!

اي عاشقانِ رسول! اڄ اسان جنهن جو جشنِ ولادت ملهائي رهيا آهيون، انهن تي قرآنِ ڪريم نازل ٿيو، اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ڪثرت سان قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا. هڪ روايت ۾ آهي: منهنجي اُمت جي سڀني کان افضل عبادت قرآن جي تلاوت آهي. ([1])

لهٰذا اسان کي به ڪثرت سان قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ جي عادت وجهڻي آهي. قرآنِ ڪريم جي تلاوت به ڪريو ۽ قرآنِ ڪريم صحيح پڙهڻ به سکي وٺو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ ڪيترن ئي ماڻهن کي صحيح تجويد ۽ مخارج سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ نٿو اچي. اَلحَمۡدُلله! دعوتِ اسلامي قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪندڙ هڪ ديني تحريڪ آهي. قرآنِ ڪريم صحيح پڙهڻ سکڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي شعبي مدرسةُالمدينه بالغان جو فيضان حاصل ڪريو! مدرسة المدينه بالغان ۾ وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن کي تجويد سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ سيکاريو وڃي ٿو ۽ گڏ و گڏ بنيادي ضروري احڪام ۽ مسئلا ۽


 

 



[1]...شُعَبُ الْاِیْمان، باب:تعظیم قرآن، جلد:2، صفحہ:347، حدیث:2004۔