Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

رستو هي * 50 هزار سالن جو رستو زمين کان سِدرةُالمنتھيٰ تائين هي ڪُل 85 هزار سال جو فاصلو ٿيو      * وري سِدرةُ المنتھيٰ کان عرش جي حجابن تائين ڪيترو فاصلو اهو ڪو نٿو ڄاڻي.

هلو هاڻي! اسان سڀ کان سست رفتار سفر جيڪو پهرين دور ۾ اُٺن وغيره تي ٿيندو هو،  ان جو اندازو لڳايون ٿا، اڄ جي اندازي جي مطابق پراڻي زماني ۾ آرام سان جيڪو سفر ڪيو ويندو هو، 3 ڏينهن ۾ 92 ڪلوميٽر هوندو هو. جيڪڏهن اسان هن 85 هزار سالن جي سفر کي هن اندازي مطابق آڻيون ته اهو مجموعي سفر 95 ڪروڙ، 14 لک ۽ تقريبًا 34 هزار ڪلوميٽر جو سفر بڻجي ٿو. اهو اسان هڪ اندازي تي سڀ کان سست سفر ڪڍيو آهي.

هاڻي ڏسو: هن وقت سائنسي دور ۾ سڀ کان تيز رفتار شيءِ جنهن کي مڃيو ويو آهي، اها روشني آهي، روشني هڪ سيڪنڊ ۾ 3 لک ڪلو ميٽر سفر طئي ڪندي آهي، هاڻي 95 ڪروڙ ڪلو ميٽر سفر روشني ڪيتري دير ۾ طئي ڪندي؟ هن جو اندازو ڪڍون ته تقريبًا روشني کي ايترو سفر ڪرڻ ۾ 53 منٽ لڳندا. پوءِ واپسي به اچڻو هجي ته 106 منٽ ٿي ويندا.

 اللهُ اڪبر! اهو هڪ سادو اندازو آهي. دنيا جي سڀ کان تيز رفتار شيءِ، جيڪڏهن لڳاتار هلندي رهي ته جنهن سفر کي تقريباً 2 ڪلاڪ ۾ طئي ڪري رهي آهي، پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم ايترو ئي نه بلڪ ان کان به گهڻو وڌيڪ سفر آرام آرام سان ڪيو. * رستي ۾ رڪندا به رهيا * نمازون به پڙهندا رهيا، * ڪڏهن نبين جي امامت ڪرائي رهيا آهن، * ڪڏهن فرشتن جي امامت ڪرائي رهيا آهن، اهڙي طرح آرام آرام سان سفر طئي ڪيو، وري واپس به آيا. پر رفتار جو عالم ڏسو! اڃا مبارڪ بسترو گرم آهي، دروازي جي ڪنڍي لُڏي رهي آهي، يعني دنيا جي سڀ کان تيز رفتار شيءِ کي جنهن سفر ۾ 2 ڪلاڪ لڳي رهيا آهن، آمنه جا لعل صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم ان کان به وڌيڪ سفر طئي ڪري چند سيڪنڊن ۾ واپس به تشريف وٺي آيا.