Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

ڏانهن هٿ وڌايا. گرهه وات ۾ وڌا، پر اوچتو ڏٺائون ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان هڪ ئي گرهه کي وات ۾ ڦيرائي رهيا آهن، گرھ اندر نه پيا لاهين. ڪجهه دير بعد فرمايائون: اَجِدُ لَحْمَ شَاۃٍ اُخِذَتْ بِغَیْرِ اِذْنِ اَہْلِہَا هي اُن ٻڪري جي گوشت جو ذائقو آهي، جنهن کي مالڪ جي اجازت کان بغير ذبح ڪيو ويو آهي.

هي ٻڌي  ڪري صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم به هٿ روڪي ڇڏيا. دعوت ڪندڙ صحابيه کي سڏايو ويو ۽ پڇيو ويو ته: ’’ٻڪري ڪٿان آئي هئي؟ عرض ڪيائون: يارسولَ اللہ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مون ٻڪري خريدڻ لاءِ ڪنهن کي موڪليو هو، پر ٻڪري نه ملي. دعوت ته مان اوهان جي ڪري چڪي هئس، ان ڪري پاڙيواريءَ(عورت) وٽ پيغام موڪليم ته رقم وٺو ۽ پنهنجي ٻڪري مون کي ڏئي ڇڏيو. قسمت اهڙي جو پاڙيواريءَ جو مڙس گهر ۾ نه هو، سندس گهرواري ان جي اجازت  جي بغير مون کي ٻڪري ڏني. اها ٻڪري ته جائز طريقي سان ورتي وئي هئي پر ان جي اصل مالڪ ( يعني پاڙيواريءَ جي مڙس) کان اجازت نه ورتي وئي هئي.

اللهُ اڪبر! چکڻ جي طاقت ڏسو! اسان ڪو گرهه وات ۾ رکون * اهو گرم  آهي يا ٿڌو آهي، اسان کي خبر پئجي ويندي. * مزيدار آهي يا نه، اهو اسان سمجهي وينداسين. * لوڻ گهٽ آهي يا وڌيڪ، هي به اسان ڄاڻي وينداسين.     * ڪو ماهر باورچي هجي ته شايد هي به سمجهي وڃي ته کاڌي ۾ ڪهڙيون شيون شامل ڪيون ويون آهن پر ڇا عجيب ڳالهه ناهي ته پيارا  آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  وات ۾ گرهه وجهن ٿا، زبان مبارڪ سان چکن ٿا ته ان جو صرف ذائقو ئي نه، گرم يا ٿڌو هجڻ ئي نه، بلڪ هي به پتو پئجي رهيو آهي ته هي ٻڪري جنهن کي ذبح ڪيو ويو آهي، ٻوڙ ٺاهيو ويو آهي، اها ٻڪري مالڪ جي اجازت سان