Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي ڪجھ شانن جو مختصر بيان آهي، حق ته اهوئي آهي ته

زندگیاں ختم ہوئیں اور قلم ٹوٹ گئے                      تیرے اَوْصاف کا اِک باب بھی پورا نہ ہوا

  سيّدي اعليٰ حضرت جهڙي بلند رُتبه عالمِ دين سڄي زندگي نعتون لکيون، بالآخر اهوئي چيو:

تیرے تو وَصْف عیبِ تَناہی سے ہیں بَری

حیراں ہُوں میرے شاہ میں کیا کیا کہوں تجھے([1])

وضاحت: يعني اوصاف جو ختم ٿي وڃڻ به هڪ قسم جو عيب آھي، يارسولَ اللہ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوھان جا اوصاف ۽ ڪمالات اھڙا آھن جو ”ختم ٿيڻ“ واري عيب کان به پاڪ آھن، اي منهنجا باڪمال آقا، بي مثال آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! مان حيران آھيان ته اوھان جا ڪھڙا ڪھڙا شان بيان ڪيان.

هڪ هنڌ فرمائن ٿا:

اے رضا خود صاحِبِ قرآں ہے مَدَّاحِ حضور

تجھ سے کب ممکن ہے پھر مِدْحت رسولُ اللہ کی ([2])

جن جي تعريف رب ڪائنات قرآن ۾ فرمائي ٿو ان جي تعريف جو حق اسان جهڙا غلام ڪيئن ٿا ادا ڪري سگهن.....؟ بس اسان کي اها ئي تمنّا ڪرڻ گهرجي ته الله پاڪ اسان کي اهڙي عظيم الشان، بي مثل و بي مثال، آقا       صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو سچو غلام، باعمل ۽ شڪر گذار اُمتي بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي! ڪاش!  دل ۾ عشقِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا اهڙا ڏيئا ٻرن جو دنيا ته ڇا قبر به اُن ڏيئن کان روشن ٿي وڃي.

لحد میں عشقِ رُخِ شَہ کاداغ لے کے چلے                                                        اندھیری رات سنی تھی، چراغ لے کے چلے ([3])


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:175۔

[2]...حدائقِ بخشش،صفحہ:153۔

[3]...حدائقِ بخشش،صفحہ:369۔