Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

  هتي ڏسو! الله پاڪ هي ته ٻڌائي ڇڏيو ته مَحۡبُوب مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني نبين کان افضل آهن پر سندن نالو ذڪر نه فرمايو. ان ۾ ڪهڙي حڪمت آهي...؟ هي به وڏي ايمان اَفروز ڳالھ آهي، علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: نالي جي ضرورت اُتي هوندي آهي، جتي هن شان جهڙو ٻيو به موجود هجي، جيڪڏهن هن شان جو مالڪ هڪ ئي هجي ته نالو وٺڻ جي ضرورت ناهي هوندي، هونئن ئي ڳالھ سمجھ ۾ اچي ويندي آهي. [1]

سادو مثال عرض ڪيان: جيڪڏهن مان چوان: * منهنجو خالق اهو آهي، جنهن هي آسمان بڻايو آهي. اوهان سمجهي ويندا ته مان ڪنهن جي ڳالھ ڪري رهيو آهيان، آسمان بڻائڻ واري ذات هڪ ئي آهي، لهٰذا نالو وٺڻ جي ضرورت پيش نه آئي، مان چوان ٿو: مون کي رزق ڏيڻ وارو اهو ئي آهي، جيڪو تمام جهانن کي رزق ڏي ٿو، اوهان سمجهي ويندا، سڀني جو پالڻ وارو، سڀني جو خالق، سڀني جو رازق صرف و صرف الله پاڪ آهي،  ڪو ٻيو آهي ئي نه، لهٰذا نالو نه به ورتو وڃي تڏهن به ذهن هڪ ئي طرف ويندو، خبر پئي: جڏهن هن شان واري ذات هڪ ئي هجي ته نالو وٺڻ جي ضرورت پيش ناهي ايندي، لهٰذا الله پاڪ   * حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام  جي شان ذڪر ڪئي ته نالو ورتو * حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام جي شان ذڪر ڪئي ته نالو ورتو * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي شان ذڪر ڪئي ته نالو ورتو * حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي شان ذڪر ڪئي ته نالو ورتو  * حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام  جي شان ذڪر ڪئي ته نالو ورتو * پر جڏهن نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو وارو آيو ته ان جو نالو نه ورتو بلڪ فرمايو:

وَ رَفَعَ بَعْضَهُمْ دَرَجٰتٍؕ   (پارہ:3، سورۂ بقرہ:253)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ڪو اهو آهي جنهن کي سڀني تي درجا بلند ڪيائين.


 

 



[1] انوارِ جمالِ مصطفےٰ، تجلی الیقین، تفسیر نعیمی۔