Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

دل منھنجي مٺ ۾ آھن

 حضرت عمر بزَّار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا : ھڪ ڏينھن آئون حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان گڏ جامع مسجد جي طرف وڃي رھيو ھيس .معمول جي خلاف ڪنھن به رستي ۾ پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي سلام نه ڪيو، مان ڏاڌو حيران ٿيس ۽ دل ۾ سوچيم ته پھريان تہ مسجد ويندي ماڻهن جي پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي سلام ڪرڻ جي لاءِ رش لڳي ويندي ھئي پر ڇا سبب آھي جو اڄ ڪوبه اوھان کي سلام نٿو ڪري.

فرمائن ٿا :ايترو سوچڻ جي دير ھئي جو ماڻھو حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي سلام ڪرڻ لاءِ اچڻ لڳا ڏسندي ئي ڏسندي ايتري رش ٿي وئي جو مان پاڻ  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان پري ٿي ويس، اھڙي صورتحال ڏسي مون دل ۾ سوچيو: افسوس....!! هن کان ته اھو ئي بھتر ھيو جو ماڻھو پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي طرف متوجھ نه ٿين ها گھٽ ۾ گھٽ مون کي پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو قرب تہ حاصل ھيو، ايترو سوچڻ جي دير ھئي جو غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه منھنجي طرف ڏسي مسڪرائي ڪري فرمائڻ لڳا

اَوَمَا عَلِمْتَ اَنَّ قُلُوْبَ النَّاسِ بِیَدِیْ اِنْ شِئْتُ صَرَّفْتُہَا عَنِّیْ وَاِنْ شِئْتُ اَقْبَلْتُ بِہَا اِلَیَّ يعني ڇا توکي خبر ناھي تہ ماڻھن جون دليون منھنجي قبضي ۾ آھن، چاھيان تہ پنھنجي طرف کان ڦيري ڇڏيان ۽ چاھيان تہ پنھنجي طرف ڪري ڇڏيان.([1])

الله اکبر! ڇا ته شان آھي منھنجي غوث پاڪ جو...! عاشق غوث اعظم، اعلٰحضرت امام اهلسنت شاه امام احمد رضا خان غوث پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪن ٿا.

غرض آقا سے کروں عرض کہ تیری ہے پناہ                  بندہ مَجْبُور ہے خاطِر پہ ہے قبضہ تیرا

کنجیاں دِل کی خُدا نے تجھے دِیں ایسی کر                                                       کہ یہ سینہ ہو محبّت کا خزینہ تیرا

ڇا ڪنھن کي دلين تي قبضو ملي سگھي ٿو ؟


 

 



[1]...  بَہْجَۃُ الْاَسْرَار ، ذکر فصول من کلامہ...الخ، صفحہ:149۔