Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

نفساني خواھشن جي پيروي دل کان پري ڪرڻي پوندي، تڏھن دل ۾ اللہ پاڪ جي محبت ايندي، اللہ پاڪ جي ياد دل ۾ وسندي. اُن جي به اسان کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. دل کي دنيا کان ڦيري ڪري الله پاڪ جي ياد ۾ لڳائڻ گھرجي.

دل ۾ دنيا رھندي يا الله پاڪ جي محبت

    حضرت رابعه بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ست 7 روزا رکيا ۽ رات جو بلڪل بہ آرام نہ ڪيائون، اٺين ڏينھن تمام سخت بُک لڳي ۽ نفس کاڌي جي فرمائش ڪئي، انھيءَ وقت ھڪ ماڻھو پيالي ۾ کاڌو کڻي حاضر ٿيو، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْهَا پيالو ورتو ۽ ڏيئو ٻارڻ جي لاءِ اٿيون، ايتري ۾ ڪٿان کان ٻلي آئي، ان پيالي کي اونڌو ڪري ڇڏيو، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْهَا پاڻي پيئڻ چاھيو تہ ڏيئو وسامي ويو ۽ پاڻي جو پيالو ڪِري ٽٽي پيو، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْهَا ھڪ درد ڀريو ساھ کنيو ۽ اللہ پاڪ جي درٻار ۾ عرض ڪيائون: مولا! مونسان ھي ڪھڙو معاملو ٿي رھيو آھي؟ غيب مان آواز آيو: جيڪڏھن دنيا جي نعمتن جي طلبگار آھين تہ اسان توکي ڏئي ڇڏيون ٿا پر پنھنجو سُور تنھنجي دل مان ڪڍي ڇڏينداسين ڇو تہ 2 الڳ الڳ شيون ھڪ دل ۾ جمع نٿيون ٿي سگهن، ان کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْهَا پنھنجي دل کي دنيا جي محبت کان ايئن خالي ڪري ڇڏيو جيئن مرڻ وارو آخري وقت ۾ پنھنجي دل مان دنياوي خيالات ڪڍي ڇڏيندو آھي. روزانو صبح جي وقت پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْهَا هي دعا ڪنديون هيون: الٰھي مون کي پنھنجي طرف ايئن مُتَوجَّھ ڪري ڇڏ جو دنيا وارا مون کي توکانسواءِ ڪنھن ڪم ۾ مصروف نه ڏسن. ([1])

دنيا ۽ آخرت جو پاڻ ۾ رشتو

خبر پئي جنھن دل ۾ دنيا جي محبت ھجي، ان دل ۾ اللہ پاڪ جي محبت جو اچڻ مشڪل آھي. حضرت عيسٰي روح اللہ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم فرمائن ٿا: پاڻي ۽ باھ ھڪ


 

 



[1]...تذكرة الاولياء، باب هشتم، ذكررابعة رحمة الله عليها، 1/73.