Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

پيارا اسلامي ڀائرو! اعلي حضرت جي شعر جو ھي جيڪو مصرعو آھي

بندہ مجبور ہے، خاطِر پہ ہے قبضہ تیرا

ھڪ ڏينھن ڪنھن عاشق رسول اعلٰي حضرت جي بارگاهه ۾ خط لکيو ۽ چيو: اوھان جو ھي جيڪو مصرعو آھي، ان ۾ اوھان لکيو آھي ته حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه دلين تي قبضو رکندا آھن، ھي مصرعو مون کي غلط محسوس ٿئي ٿو، حديث پاڪ ۾ تہ ھي آھي جو دليون اللہ پاڪ جي قبضي ۾ آھن ھو جنھن طرف چاھيندو آھي دلين کي ڦيري ڇڏيندو آھي، حديثن ۾ اللہ پاڪ کي مُقَلِّبَ الْقُلُوْبِ (دلين کي ڦيرڻ وارو) فرمايو ويو آھي، پوءِ غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي لاءِ ڪيئن چئي سگھجي ٿو تہ پاڻ دلين تي قبضو رکندا آهن؟

 ھاڻي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان جو جواب لکيو...!! سُبْحَانَ اللہ! اعلٰي حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڇا ڳالھ ڪجي...؟ جڏھن علمي بحث ڪندا آھن تہ قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ اهڙا اهڙا دليل ڏيندا آھن جو روح خوش ٿي وڃي، ۽ ايمان تازو ٿي ويندو آهي.

علم کا چشمہ ہوا ہے موجزن تحریر میں                                                              جب قلم تم نے اُٹھایا اے امام احمد رضا!

 اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڇا جواب ڏنو؟ فرمائن ٿا: اَلْحَقْ (يعني بالڪل حق آھي، سچ آهي ته) اللہ پاڪ ئي مُقَلِّبَ الْقُلُوْبِ (دلين کي ڦيرڻ وارو) آھي سڀني جي دلين تي ۽ نہ صرف دلين تي بلڪه عَالم جي ذري ذري تي حقيقي قبضو الله پاڪ جو ئي آھي پر (ياد رکو!) نہ ان جي قدرت محدود آھي نہ ان جي عطا جو دروازو بند آھي.....!! (يعني اللہ پاڪ ان ڳالھ جي بہ قدرت رکي ٿو تہ پنھنجي نيڪ صالح ٻانھن، پنھنجي ولين کي بہ دلين تي قبضو عطا فرمائي ڇڏي) الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو: