Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

منقبتن جو سلسلو هوندو آهي، پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ وڏي يارھين شريف جي رات عاشقن کي بغدادي نسخو استعمال ڪرڻ جي ترغيب پڻ ڏيندا آهن. هي بغدادي نسخو ڇا آهي؟ اچو! ان بابت ٻڌون ٿا:

 ربيع الآخر جي يارهين رات سڄو سال مصيبتن کان بچڻ جي نيت سان سرڪار غوث اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا يارهن نالا( اول ۽ آخر ۾ يارهن ڀيرا درود پاڪ) پڙهي ڪري. يارهن کجورن تي دم ڪري انهيءَ رات کائي ڇڏيو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سڄو سال مصيبتن کان حفاظت ٿيندي. يارهن نالا هي آهن: (1): سيد محي الدين سلطان (2): محي الدين قطب (3): محي الدين خواجه (4): محي الدين مخدوم(5): محي الدين ولي (6): محي الدين بادشاهه (7): محي الدين شيخ (8) :محي الدين غوث (10):محي الدين خليل (11): محي الدين.[1]

 الله ڪريم اسان سڀني کي اميراھلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ۽ سندن صدقي حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سچي غلامي نصيب فرمائي ۽ ايمان تي موت نصيب فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْنِ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن راھ خدا ۾

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي فيضان غوث و خواجه آهي،اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي سڄي دنيا ۾ غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تعليمات کي عام ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو جذبو ڏيارڻ ۾ مصروف آهي. دعوت اسلامي عشق رسول ۽ عشق صحابه ۽ اهل بيت ۽ عشق اولياء جا جام ڀري ڪري پياريندي آهي. حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان پنهنجي روحاني وابستگي مضبوط ڪرڻ، صحابه ۽ اهل بيت ۽ اولياءِ ڪرام جي مَحبت دل ۾ ويهارڻ جي لاءِ اوهان به دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ معاشري جي اصلاح جي جذبي سان 12 ديني ڪمن ۾ عملي


 

 



[1] جنات کا بادشاہ ، صفحہ:18۔