Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

لحاظ سان فضيلت صرف دين جي علم کي ئي آھي.

علم دين جا نرالا فضائل

حضرت معاذ بن جبل رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته رسول الله صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: علم حاصل ڪريو! ڇوته *الله جي رضا جي لاءِ علم سکڻ خوفِ خدا آهي   * علم جي ڳولا عبادت آهي * علم جي تڪرار ڪرڻ (يعني سبق کي ياد ڪرڻ لاءِ بار بار پڙهڻ) تسبيح آهي* بي علم کي علم سيکارڻ صدقو آهي  * علم کي ان جي اهل تي خرچ ڪرڻ نيڪي آهي*علم حلال ۽ حرام ۾ فرق ڪرڻ جو ذريعو آهي*علم اهلِ جنت جي رستي جي نشاني آهي*علم سفر جو ساٿي آهي *علم اڪيلائي جو ساٿي آهي* علم غربت ۽ خوشحاليءَ ۾ رهنمائي ڪندڙ آهي. * علم دشمنن جي خلاف هٿيار آهي*علم دوستن جي وچ ۾ زينت آھي * الله تعاليٰ علم جي ذريعي قومن کي بلندي ڏيندو آھي* الله تعاليٰ علم جي ذريعي قومن کي امام بڻائيندو آهي، پوءِ انهن جي پيروي ڪئي ويندي آهي. * عالمن جي راءِ کي آخري ڳالھ سمجھيو ويندو آھي* فرشتا عالمن جي دوستي ۾ رغبت رکندا آهن* عالمن لاءِ هر سُڪل ۽ آلي شيءَ، ايستائين جو سمنڊ جون مڇيون ۽ زمين جا جانور به مغفرت جي دعا گهرندا آھن* علم اونداھيءَ ۾ اکين جو نور آھي. * علم دل جي زندگي آهي*علم جي وسيلي ٻانھو بزرگن جو رتبو حاصل ڪري وٺندو آھي.*علم عمل جو امام آهي*عَمَل عِلم جو تابعدار آھي* خوش نصيبن کي علم ڏنو ويندو آھي*جڏهن ته بدنصيبن کي علم کان محروم ڪيو ويندو آهي. الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي، اسان دين جو علم سکون ۽ ان تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

اٰمِیْنْ بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْنِ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ