Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

آھي. اچو اميراھلسنت جي غوث پاڪ سان محبت جون ڪجهه ايماني جھلڪيون ٻڌون ٿا:

(1) اميراھلسنت دامت برڪاتھم العاليه جي لکيل شعرن جو مجموعو وسائل بخشش، وسائل فردوس سندن حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان محبت جو واضح دليل آهي جن ۾ پاڻ حضور غوث اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي شانِ اقدس ۾ ۽ اوهان سان استغاثي جي باري ۾ تقريباً 13 ڪلام لکيا آهن جن جي شعرن جي تعداد ڪم و بيش 207 آهي، ان کان علاوه ڪم و بيش 105 غوثيه نعرا به لکيا آهن. پاڻ غوث پاڪ جي سيرت تي تقريباً 4 ڪتاب ۽ رسالا تحرير فرمايا آهن،(1) منّي جي لاش: 18 صفحا (2) جنّات جو بادشاھ: 20 صفحا (3) نانگ جهڙو جنّ: 28 صفحا (4) غوث پاڪ جا حالات: 106 صفحا.

   (2) پاڻ دامَتْ بَرَڪاتُهُمُ العاليه حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خاندان، آل اولاد، مزار مبارڪ، گنبد ۽ مينار مبارڪ، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي شھر مطلب ته حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان تعلق رکڻ واري ھر شيءَ سان بي انتها محبت ڪندا آهن. غوث پاڪ جي آل اولاد به امير اهلسنت سان گهڻو پيار ڪندي آهي، ملڪِ شام مان آيل هڪ عالمِ دين، جيڪو حضورِ غوثِ پاڪ رحمةُ اللهِ عليه جي نسل مان هو، جڏهن کانئس امير اهلِ سنت دامَتْ بَرَڪاتُهُمُ العاليه سان سندن ايتري محبت ڪرڻ جو سبب پڇيو ويو، ته هنن فرمايو: مولانا الياس قادري دامَتْ بَرَڪاتُهُمُ العاليه ڪيترن ئر ماڻهن کي غوثِ پاڪ شيخ عبد القادر رحمةُ اللهِ عليه جي دامن سان وابسته ڪيو آهي ۽ قادري سلسلو عام ڪيو آهي، تنهنڪري اسان کي هنن سان ايتري محبت آهي.

(3)    الحمدلله! اميراھلسنت جي تربيت جي برڪت سان وڏي يارهين شريف جي وڏي رات جي موقعي تي ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ محفل غوثيہ جا اجتماع منعقد ڪيا ويندا آھن. جن ۾ ڪڏھن *غوث پاڪ جي شان، * ڪڏهن غوث اعظم جي سيرت،* ڪڏھن غوث پاڪ جي خاندان،* ته ڪڏھن غوث پاڪ جي ڪرامتن جي موضوعن تي سنتن ڀريا بيان ۽ غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي