Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

ٿانوَ ۾ گڏ ناھن ٿيندا، ايئن ئي دنيا ۽ آخرت جي محبت ھڪ دل ۾ جمع نٿي ٿي سگهي. مسلمانن جي چوٿين خليفي، شير خدا، علي المرتضٰي رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: دنيا ۽ آخرت ٻہ ساهيڙيون آھن، جيترو ھڪ سان راضي ٿيندؤ ٻي ايتري ئي رُسي ويندي.

جنھن جيڪو ڪجھ گھريو عطا ڪري ڇڏيائون

  شيخ محمد بن محفوظ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو بيان آھي. هڪ ڀيري ڪيترائي پير حضور سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ حاضر هئا، حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن فرمايو: پنھنجون پنھنجون ضرورتون بيان ڪيو، جنھن کي جيڪو ڪجھ گھرجي ملي ويندو. موقعو ڏاڌو سٺو ھيو، تمام شخصيتن پنھنجون پنھنجون ضرورتون بيان ڪرڻ شروع ڪيون، ڪنھن عرض ڪيو: مان مُجَاھَدي (نيڪين ۾ خوب ڪوشش ڪرڻ) جي طاقت گھران ٿو. ڪنھن عرض ڪيو: مان خوفِ خُدا جو طلبگار آھيان، ڪنھن عرض ڪيو : مان پنھنجي وقت کي محفوظ ڪرڻ )يعني اللہ پاڪ جي ذڪر ۾ مشغول رھڻ( چاھيان ٿو، ڪنهن عرض ڪيو: مان علمِ ۾ اضافو چاهيان ٿو. شيخ خليل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عرض ڪيو: مان قُطُب بڻجڻ چاھيان ٿو. شيخ ابو البرڪات رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن عرض ڪيو: مان اللہ پاڪ جي محبت ۾ تمام گهڻو اضافو چاهيان ٿو، شيخ ابُو الفَتُوح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن عرض ڪيو: مان قرآن پاڪ ۽ حديث رسول جو حافظ ٿيڻ چاھيان ٿو.

   ائين ئي سڀ پنھنجون پنھنجون ضرورتون بيان ڪندا رھيا، جڏھن سڀئي عرض ڪري چڪا تہ سرڪار غوث اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائڻ لڳا: اسان سڀني جي ضرورتن تي سڀني جي مدد ڪندا آھيون.

شيخ ابوالخير رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: خدا جو قسم ان مجلس ۾ جنھن جيڪو ڪجھ گھريو، ان کي اُھو ئي مليو. شيخ حضرمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جنھن قرآن پاڪ حفظ ڪرڻ جي تمنا ڪئي ھئي اللہ پاڪ انھن کي توفيق عطا فرمائي ۽ انھن ڇھ مھينن جي اندر قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتو. ائين ئي شيخ جميل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جنھن عرض