Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

مشھور مفسر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن آيت جي تفسير ۾ لکن ٿا: هر شيءِ جي ڳولا لاءِ الڳ دروازا آهن، بازارن ۾ھر شيءَ جي ڳولا لاءِ الڳ دڪان آهن، اُن شيءِ جي ڳولا لاءِ مون کي انهن درن تي، انهن دڪانن ۽ بازارن ۾ وڃڻو پوندو آهي، خدا تعاليٰ کي ڳولهيو حضور اڪرم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي در تي ۽ حضور اڪرم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڳولهيو الله جي ولين جي دروازن.[1] وڌيڪ فرمائن ٿا: هن آيت مبارڪ ۾ تقوا کان پوءِ وسيلي جي ڳولا جو حڪم ڏئي ڪري ٻڌايو ويو تہ ڪو به پرهيزگاري جي ڪنھن بہ مرتبي تي پھچي ڪري وسيلي کان بي پرواھ نٿو ٿي سگھي، لهٰذا ڪوبه پرھيزگار مسلمان ائين نہ سمجهي ته مان وڏو پرھيزگار ٿي ويو آھيان ھاڻي مون کي الله پاڪ تائين پهچڻ لاءِ ڪنهن به وسيلي جي ضرورت ناهي، جيئن هر مومن اعمال ۽ پرهيزگاري جو محتاج آهي، ايئن ئي هر پرهيزگار وسيلي جو محتاج آهي. ([2])

 بيعت جون برڪتون

الحمدلله! ڪنهن ڪامل پير جو مريد ٿيڻ جون ڪيتريون ئي برڪتون ۽ فائدا آهن، مثلاً ان جي برڪت سان ايمان جي حفاظت نصيب ٿيندي آهي. * نماز ۽ روزي جي پابندي نصيب ٿيندي آھي.* حلال ۽ حرام جي سڃاڻپ نصيب ٿيندي آھي. * مسلمان جي احترام جو ايماني جذبو حاصل ٿيندو آھي      . * شيطان کان حفاظت ٿيندي آهي. * دل ۾ عبادت جو شوق ۽ قرآن جي تلاوت جو ذوق ملندو آهي. * بُري صحبت کان بچڻ جو ذھن ٺھندو آھي   . * گناھن کان توبه جو ذھن ملندو آھي * ديني ۽ دنياوي پريشانيون پري ٿينديون آھن * انسان جو ڪردار سٺو ٿي ويندو آهي.

هاڻي ٻڌو....!! امير اهلسنت، باني دعوت اسلامي حضرت علامه و مولانا محمد


 

 



[1][1] تفسیر نعیمی، پارہ:6،سورۂ مائدہ، زیرِ آیت:35، جلد:6، صفحہ:402ملخصًا

[2]...تفسیر نعیمی، پارہ:6، سورۂ مائدہ، تحت الآیۃ:35، جلد:6، صفحہ:394ملتقطًا۔