Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

شيطانن ۽ انسانن جا دلين ۾ وسوسا

منھنجا آقا اعلحضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن فرمائن ٿا: * ملائڪن جي شان تہ تمام بلند آهي، قرآن پڙهو! معلوم ٿئي ٿو ته شيطانن کي به دلين تي قبضو ڏنو ويو آهي. قرآن مجيد جون آخري ٻه آيتون آهن:

الَّذِیْ یُوَسْوِسُ فِیْ صُدُوْرِ النَّاسِ ۙ(۵)  مِنَ الْجِنَّۃِ وَ النَّاسِ (۶)  ) پارو 30سورہ ناس آيت نمبر (5.6

ترجموڪنزالعرفان: اُھي جيڪي ماڻھن جي دلين ۾ وسوسو وجھندا آھن، جنن ۽ انسانن مان

معلوم ٿيو؛ شيطان ۽ بُرا انسان، اهي ٻئي دلين ۾ وسوسو وجھندا آھن. ڪڏهن ڪڏهن اسان سان به ائين ٿيندو آهي،*وڏي شوق سان وضو ڪندا آهيون، مصلو وڇائيندا آھيون، نوافل پڙهڻ شروع ڪندا آهيون، دل چوندي آهي ته اڄ سڄي رات نوافل پڙهندس، * قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ لاءِ ويهي رهندا آهيون، دل چوندي آهي ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ 5 سيپارا پڙهي پوءِ اٿندس.         * تسبيح کڻندا آھيون ته اڄ 5000 ڀيرا درود پاڪ پڙهندس، پر جلد ئي اهو جذبو ٿڌو ٿيڻ لڳندو آهي، پوءِ آهستي آهستي ڪم ياد اچڻ لڳندا آهن، پوءِ دل ۾ خيال ايندا آهن، * اڄ بس 10 نفل پڙھي ٿو وٺان۔ * بس اڌ سيپاري جي تلاوت کوڙ آھي * 500 ڀيرا درود پاڪ پڙهڻ جي به وڏي فضيلت آهي، ايترو پڙهي ٿو وٺان، ائين سوچون اينديون رهنديون آهن، جوش ۽ جذبو گهٽ ٿيندو ويندو آهي ۽ اسان جيتري عبادت سوچي ھوندي آھي ايتري عبادت دل سان ڪري ناھيون سگهندا، آخر ائين ڇو ٿيندو آهي، اسان جي دل ڇو ڦري ويندي آهي؟ شيطان وسوسا وجھندو آھي.

  شيطان جيڪو مردود آھي، الله تعاليٰ جي بارگاھ کان تڙيل آھي، ان جي ڳچيءَ ۾ لعنت جو طوق وڌو ويو آهي، جڏهن اهو دلين تي ايترو تصرف رکي ٿو،، دلين کي ڦيري ڇڏيندو آهي ته پوءِ ڇا الله تعاليٰ جا نيڪ ٻانھا ايتري طاقت بہ