Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

بداَخلاق ڇوڪري توبه ڪري ورتي

 حضرت ابُو حَسن قَوَّاس رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان ۽ مون سان گڏ کوڙ ساري جماعت حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زيارت جي لاءِ روانا ٿياسين، اسان سڀئي پنهنجي مشڪلاتن ۽ پريشانين جي حل جي لاءِ دُعا ڪرائڻ جو ارادو رکندا هئاسين، رستي ۾ ٻيا ماڻهو به اسان سان ملي ويا۔ انهن ۾ هڪ ڇوڪرو هو، مان ان کي سڃاڻندو هئس، اهو نهايت بُري اَخلاق وارو هو، اڪثر ناپاڪ رهندو هو۔ خير! اسان سڀئي بارگاههِ غوثيت ڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته اتفاق سان حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان واٽ تي ملاقات ٿي وئي، اسان سڀني اڳتي وڌي سلام ڪيو ۽ هڪ هڪ ڪري سندن هٿ مبارڪ کي چميو۔ اهو ڇوڪرو جنهن جا اخلاق چڱا نه هئا جڏهن حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هٿ کي چمي ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته حُضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجو هٿ مبارڪ ان کان پري ڪري ورتو، پوءِ هڪ نگاھ ان ڇوڪري تي وڌي، سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نگاھ مبارڪ جي تپش نه سهندي اهو ڇوڪرو بيهوش ٿي ڪري پيو، جڏهن ان کي هوش آيو ته ان هڪدم پنهنجي بُرن اخلاق کان توبه ڪئي، پوءِ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کان هٿ ملايو۔([1])

لینے شفائے کامِلہ دربار میں اے کامل                                                    بیمارِ عِصیاں آگیا بغداد والے مرشد

ایمان اس کا بچ گیا شیطان سے، جو تیرے                                ہے سلسلے میں آ گیا بغداد والے مرشد

کیوں نَزْع وقَبْر وحشرکا ڈر اَب مُریدوں کو ہو                                  تو ’’لا تَخَف‘‘ سنا گیا بغداد والے مرشد([2])

*-*-*-*

ہیں پیرِ پیراں!                                                 غوثِ پاک                                            ہیں میرِ میراں!                                                 غوثِ پاک

مَحْبُوبِ سُبْحاں!                                                      غوثِ پاک                                           ولیوں کے سُلطاں!                                غوثِ پاک


 

 



[1]... قلائد الجواہر،صفحہ:32 ملخصاً۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:545- 546 ملتقطًا۔