Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

نٿا رکن ٿا جو هو دلين کي گناهن کان ڦيرائي نيڪيءَ جي طرف لڳائي ڇڏين...؟ [1]

بُري ماڻھن جا وسوسا

پوءِ ھي به ڏسو! الله پاڪ فرمايو:

مِنَ الْجِنَّۃِ وَ النَّاسِ (۶) (پارو 30 سوره ناس آيت نمبر 6)

ترجمو ڪنزالعرفان: جنن ۽ انسانن مان

يعني دلين ۾ وسوسا نه رڳو شيطان وجهندا آهن، بلڪه خراب ماڻهو پڻ اسان جي دلين ۾ وسوسا وجھندا آهن، * ڪڏهن ڪڏهن اسان جي دل ۾ پنهنجي ڀاء لاءِ وڏي محبت ھوندي آھي، ھڪ ماڻھو اسان ڏي ايندو آھي، اسان جي سامھون گلا غيبت ڪندو آھي چغليون هڻندو آھي، ان محبت کي نفرت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آھي * ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ جهڳڙو ٿي پوي ته الله تعاليٰ اسان کي توفيق عطا فرمائي، اسان صلح جي طرف وڌي وڃون ته محبت جا چور اچي ويندا آھن، دل ۾ وسوسا وجهي نيڪي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيندا آهن ، ماڻھو چڱو ڀلو گھر کان نماز جي لاءِ نڪرندو آھي رستي ۾ ڪو برو دوست ملي ويندو آھي ، کيس مسجد کان ڦيرائي بازار ڏانهن وٺي ويندو آھي

 ظاهر ٿيو؛ اهي جيڪي بُرا ماڻهو آهن، اهي به دلين تي تصرف رکندا آهن، دل کي نيڪيءَ کان هٽائي ڪري گناهن ڏانهن موڙي ڇڏيندا آهن. جڏهن بُرن ماڻهن کي اها طاقت ڏني وئي آهي ته پوءِ جيڪڏهن الله جي ولين جي باري ۾ چيو وڃي ته اهي دلين تي قبضو رکندا آهن ۽ دلين کي گناهن کان هٽائي انهن کي نيڪيءَ جي طرف موڙي ڇڏيندا آهن ته پوءِ ان ۾ ڪهڙو حرج آهي؟


 

 



[1]... فتاویٰ رضویہ، جلد:21، صفحہ: 381 -383 ملخصاً۔