Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

2 قسمن جي جهالت کي بيان ڪيو آهي(1): هڪ جهالت اها آهي ته انسان کي ڪجھ خبر ئي نه هجي، جيئن اسان وٽ ڪيئي ماڻهو بلڪل اڻ پڙهيل هوندا آھن، انهن کي پنهنجو نالو لکڻ به ناهي ايندو، (2):جهالت جو هڪ ٻيو قسم آهي:

یَعْلَمُوْنَ ظَاھِرًا مِّنَ الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا ۚۖ وَ ھُمْ عَنِ الْاٰخِرَۃِ ھُمْ غٰفِلُوْنَ (۷)

 يعني اهو شخص جيڪو ظاهري دُنيا جي معلومات ته گهڻي رکندو آهي، پر آخرت کان بلڪل بي خبر آهي، جيتوڻيڪ اُن کي اڻ پڙھيل نه به چيو وڃي. پر اهو به جاهل آهي [1]  

هاڻي ڏسو! جيترا دنياوي علوم موجود آهن، اهي اسان کي صرف دنيا جي ظاھري حالت بابت ٻڌائين ٿا، مثال طور، *رياضي ۾ اسان کي حساب سيکاريو ويندو آهي. فزڪس ۾ اسان کي مادي بابت معلومات ڏني ويندي آهي ، مثال طور هڪ جسم حرڪت ڪيئن ڪندو آهي، اهو ڪيئن بيهندو آهي؟ ان جون خاصيتون ڇا آهن؟ وغيره *ساڳيءَ طرح حياتيات (Biology) آهي، ان ۾ جاندارن جي باري ۾ معلومات هوندي آھي، * ارضيات (Geology)، فلڪيات (Astronomy)، بئنڪنگ(Banking)، انجنيئرنگ(Engineering) وغيره جيڪي بہ علوم آھن، انھن سڀني ۾ ظاھري دنيا ئي جي معلومات موجود آهي، آخرت جي معلومات؛ مثلاً *الله پاڪ جي سڃاڻپ *رسول الله صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان *جنت دوزخ *قيامت جي ڏينھن جي معلومات * آخرت ۾ نجات جو سبب ڇا آھي؟ *ايمان ڇا آهي؟ * نيڪي ڇا کي چئبو آھي؟ *باطني بيماريون ڪھڙيون آھن؟ انھن جو علاج ڇا آهي ؟ وغيره وغيره. اسان کي هي سڄي معلومات ڪٿان ملندي؟ قرآن مجيد مان، حديثن مان، دين جي عالمن جي لکيل ڪتابن مان ملندي ۽ انهيءَ کي دين جو علم چئبو آهي.

 تنهن ڪري ضرورت مطابق دنياوي علم پڙهڻ جائز هجڻ باوجود به اُخروي


 

 



[1] تفسیرِ نسفی، پارہ:21، سورۂ روم، زیرِ آیت:7، جلد:2، صفحہ:691