Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

پيارا اسلامي ڀائرو! ان نيڪ بزرگ جيئن فرمايو هو، بعد ۾ بلڪل ائين ئي ٿيو، ابنِ سقا جيڪو پنھنجي علم جي غرور ۾ ھيو، ھڪ وقت آيو جو ھي ڪافر ٿي بي ايماني جي حالت ۾ دنيا کان ھليو ويو، شيخ عبداللہ تميمي جيڪو ان بُزرگ جو امتحان وٺي رھيو ھو ، بعد ۾ دنيا داري ۾ ڦاسي ويو ۽ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي اللہ پاڪ وڏو مرتبو عطا فرمايو، پوءِ اھو وقت بہ آيو جو پاڻ بغداد جي منبر تي تشريف فرما ٿي ڪري فرمايائون: قَدَمِیْ ہَذِہٖ عَلیٰ رَقَبَۃِ کُلِّ وَلِیِّ اللہِ )يعني منھنجو قدم سڀني ولين جي گردن تي آھي(

قدم گردنِ اولیا پر ہے تیرا                                                                                                        ہے تو رب کا اَیسا وَلی غوثِ اعظم

پيارا اسلامي ڀائرو! ھن واقعي مان اسان کي معلوم ٿيو تہ اللہ پاڪ جي ولين ۽ نيڪ ٻانھن جي بارگاھ ۾ حاضري ٿئي ته ادب جو خاص خيال رکڻ گهرجي، ان سان الله پاڪ جون رحمتون حاصل ٿينديون آهن، ڏسو...! موسيٰ جي مقابلي ۾ اچڻ وارن جادوگرن کي الله پاڪ سندن اَدب ڪرڻ جي ڪري ايمان جي دولت نصيب ڪئي، انهن سندن اَدب ڪندي پاڻ سان اجات گهري ۽ عرض ڪيو:

قَالُوْا یٰمُوْسٰۤی اِمَّاۤ اَنْ تُلْقِیَ وَ اِمَّاۤ اَنْ نَّکُوْنَ نَحْنُ الْمُلْقِیْنَ (۱۱۵)  (پارہ:9، سورۂ اعراف:115)

ترجموڪنزالعرفان: (جادوگرن) چيو: اي موسيٰ يا ته تون(پنهنجي لٺ) ڦٽي ڪر يا اسان(ڪجھ) ڦٽي ڪيون ٿا

تفسيرِ قُرطَبِي ۾ لکيل آهي: جادوگرن حضرت موسيٰ جو اَدب ڪيو ۽ سندن اجازت جي بغير پنهنجو جادو پيش نه ڪيو، الله پاڪ انهي اَدب جي ڪري انهن کي ايمان ۽ هدايت جي دولت عطا فرمائي.([1]) لهٰذا الله وارن جي بارگاھ ۾ حاضري جي وقت اسان کي ادب ئي اَدب رکڻ گهرجي. الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي سامهون پنهنجي 4 ڪتابن جي عِلم تي مغرور نه ٿيڻ گهرجي، نه ته ان جو


 

 



[1]... قرطبی، پارہ:9، سورۂ اعراف ، زیرِ آیت:115،جز:7، جلد:4،صفحہ:158