Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

طور حصو وٺڻ شروع ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هفتيوار هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن راھ خدا ۾ به آهي. * پهريان هن ديني ڪم کي يومِ تعطيل اعتڪاف چيو ويندو هو، هاڻي هن ديني ڪم کي هڪ ڏينهن راھ خدا ۾ چيو وڃي ٿو. الحمد لله! دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول ڳوٺن ٻهراڻين ۾ وڃي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪندا آهن. * جمعي يا آچر واري ڏينهن اسلامي ڀائر اهڙن علائقن ۽ ڳوٺن جي اطراف ۾ ويندا آهن. جتي 12 ديني ڪم شروع ڪرڻ يا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حاجت هوندي آهي *اُتي مسجد ۾ قيام ڪيو ويندو آهي. *طئي ڪيل جدول جي مطابق ڪنهن هڪ نماز کان بعد مسجد کان ٻاهر وڃي ويجهي گهرن ۽ دڪانن تي نيڪي جي دعوت ڏني ويندي آهي.* عاشقانِ رسول کي هٿو هٿ مسجد ۾ اچڻ جي ترغب ڏياري ويندي آهي مثال طور* اچو! اوهان به اسان سان گڏ مسجد هلو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! . *علمِ دين سکڻ جي لاءِ ملندو*نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب نصيب ٿيندو.
* راھِ خدا ۾ نڪرڻ جي سعادت ملندي. حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪو قدم راھِ خدا ۾ خاڪ هاڻو ٿيندو، ان کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي.(مسندامام احمد،جلد:6،صفحہ:507،حدیث:16356خلاصۃً۔).* جيڪو شخص الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پنهنجي مسلمان ڀائرن ڏانهن ڳوٺن ۾ وڃي حديث پاڪ ۾ ان جي لاءِ جنت جي بشارت آهي.( معجم اوسط،جلد:1، صفحہ:472، حدیث:1743۔)

باغ جو جهولو

هڪ ماڊرن نوجوان حيدرآباد جي هڪ محلي ۾ علائقائي دوري جي دعوت کان متاثر ٿي مسجد ۾ اچي ويو. بيان ۾ مدني قافلن ۾ سفر جي ترغيب ڏني وئي، جنهن تي هن مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ لاءِ پنهنجو نالو داخل لکرايو. اڃا قافلي ۾ روانگي لاءِ ڪجهه ڏينهن باقي هئا جو قضاءِالٰهي سان سندس انتقال ٿي ويو. ڪنهن گهر واري مرحوم کي خواب ۾ ڏٺو ته هو هڪ سرسبز باغ ۾