Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

نوراني ماڻھون نوراني اثر

حديث پاڪ ۾ آهي ته: رسول الله صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حضور ۾ هڪ سوال ڪيو ويو. يارسول الله صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ولي ڪير ھوندا آهن؟ پاڻ فرمايائون: جن کي ڏسي ڪري رب ياد اچي وڃي، اُھي ولي ھوندا آھن،[1] هڪ روايت ۾ آهي ته: عرض ڪيو ويو: بهترين ساٿي ڪير آهي؟ فرمايائون: اُهي ماڻهو جن کي ڏسڻ سان رب ياد اچي وڃي، جن جون ڳالھيون ٻڌي ڪري عمل ڪرڻ جو جذبو وڌي ۽ جن جا عمل ڏسڻ سان آخرت جي ياد ۾ واڌارو ٿئي،[2]

امام ترمذي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديث جي وضاحت ۾ لکن ٿا : جيڪو الله تعاليٰ جو ولي ھوندو آهي،*رب ڪريم ان جي دل کي نور سان ڀري ڇڏيندو آهي *ان جي نگاهن مان اهو ئي نور چمڪندو آهي* جڏهن هو ڳالهيون ڪندو آهي ته ان جي زبان مان نور چمڪندو آهي* جڏهن ھو ڪو عمل ڪندو آھي ته اهو نور ان جي عملن مان ظاهر ٿيندو آھي، ان ڪري الله پاڪ جي ولين کي ڏسڻ سان     * دل ڦري ويندا آھن،*دلين کا غفلت ڌوپجي ويندي آھي*رب جي ياد دل ۾ گهر ڪري ويندي آھي، جڏھن اللہ پاڪ جي ولي جون ڳالھيون ٻڌندا آھيون تہ ان جي زبان جي ذريعي چمڪڻ وارو دل جو نور اسان جي دل تي اثر ڪندو آھي ۽ دل جي زنگ کي دور ڪري دل کي نيڪ ڪمن ڏانهن موڙي ڇڏيندو آھي.[3]

 خبر پئي؛ الله تعاليٰ جي ولين کي جيڪو نور عطا ڪيو ويندو آهي، ان نور جي ذريعي سان اهي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندا آھن.

 الحمدلله! اسان جي پير، پيرن جي پير، پير دستگير حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نہ صرف ولي بلڪ ولين جا سردار آھن، کين بہ دلين تي قبضو عطا ڪيو ويو آھي .سندن دلين تي قبضو ڪھڙو ھيو؟ ٻڌو


 

 



[1] نوادر الاصول، جلد:1، صفحہ:302۔

[2] نوادرالاصول، جلد:1، صفحہ:303۔

[3] نوادرالاصول، جلد:1، صفحہ:303-306 ملخصاً۔