Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

جڏهن اهي محفل ۾ اچي ويٺا ته غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن پنھنجو مٿو مبارڪ جهڪائي ڇڏيو، هڪدم ئي سندن پاڪ سيني مان هڪ نور چمڪيو ۽ سڀني عالمن جي سينن مان گذري ويو.

 هاڻي ڇا ٿيو، جو اھو نور جنھن جنھن عالم جي سيني مان گذرندو ويو، اهو حيران ٿي تڙپڻ لڳو. انھن سڀني عالمن پنھنجا گريبان ڦاڙي ڇڏيا ۽ مٿي اگھاڙي غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ويجھو ٿيا ۽ سندن قدمن ۾ پنھنجا مٿا رکي ڇڏيا، غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي رحمة اللعالمين صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا شهزادا آھن، پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اولاد مان آھن، پاڻ کي انھن عالمن تي رحم اچي ويو، پاڻ سڀني عالمن کي هڪ هڪ ڪري پنهنجي سيني سان لڳائيندا ويا ۽ فرمائيندا ويا: هي آهي توهان جو سوال ۽ هي ان جو جواب آهي. ائين ڪندي ڪندي سڀني علم وارن جا سوال به ٻڌايائين ۽ جواب به پاڻ ئي ڏنائون!

 حضرت شيخ مفرج رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: بعد ۾ انهن عالمن کان پڇيو ويو ته توهان کي ڇا ٿيو ھيو؟ انھن وراڻيو: جيئن ئي اسان مجلس ۾ اچي ويٺاسين ته اوچتو ائين ٿيو جو جيڪو علم اسان سڄي ڄمار ۾ پڙهيو ھيو، اهو سمورو علم اسان جي دلين مان ائين مٽجي ويو، ڄڻ ته ڪڏهن پڙهيو ئي نه هيو. جڏهن غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي سيني سان لڳايو ته اسان جو علم موٽي آيو۔ ([1])(فتاوي رضويه)

گُلِ بُوستانِ نبی غوثِ اعظم                                                                                               مہِ آسمانِ علی غوثِ اعظم

تُو وہ گل ہے باغِ حسین و حسن کا                                                                            کہ بُو تیری سب میں بسی غوثِ اعظم

قدم کیوں نہ لیں اولیا چشم و سر پر                                                                           کہ ہیں والیِ ہر وَلی غوثِ اعظم

وضاحت: اسان جا غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نبي پاڪ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي باغ مبارڪ جا مھڪندڙ گل ۽ آسمان ولايت يعني مولا علي رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جا چمڪندڙ چنڊ آھن. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ته حسنين ڪريمين رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا جي باغ جا اھڙا مھڪندڙ گل آھن جو


 

 



[1]