Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

قادري ٿيڻ جون برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! الله تعاليٰ حضور غوث رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي تمام اوچو مقام عطا فرمايو آهي. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان نسبت ٿي وڃڻ بہ وڏي برڪت ۽ سعادت جي ڳالھ آھي. حضرت شيخ ابو عبدالله محمد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا : حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي مريدن جي لاءِ هن ڳالھ جا ضامن آهن ته انهن مان ڪو به شخص توبه کان بغير نه مرندو ۽ انهن کي ھي فضيلت ڏني وئي آهي ته سندن مريد ۽ ستن نسلن تائين ان جا مريد جنت ۾ داخل ٿيندا   [1]

 شيخ ابو سعود عبدالله رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه روايت ڪن ٿا: اسان جا شيخ محي الدين عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه قيامت تائين پنهنجي مريدن لاءِ هن ڳالھ جا ضامن آهن ته انهن مان ڪو به توبه ڪرڻ کان سواءِ نہ مرندو.[2]

اوھان به مريد ٿي وڃو

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن توهان اڃا تائين ڪنهن به جامع شرائط پير سان بيعت ناهيو ته پوءِ تجويز آهي ته توهان قادري سلسلي ۾ مريد ٿي ڪري حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان ڳنڍجي وڃو! ان شاءَ الله! دين ۽ دنيا ۾ ان جون بي شمار برڪتون نظر اينديون. ياد رکو! مريد ٿيڻ تمام ضروري آهي الله ڪريم سيپاري 6، سورت المائده، آيت: 35 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْہِ الْوَسِیْلَۃَ (پارہ6،سورۃالمائدۃ:35)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان جي طرف وسيلو ڳولهيو.


 

 



[1] بَہْجَۃُ الْاَسْرَار،ذکر فضل اصحابہ...الخ،  صفحہ:191۔

[2] بَہْجَۃُ الْاَسْرَار، ذکر فضل اصحابہ...الخ،  صفحہ:191۔