Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 470 ھجري ۾ جيلاني ۾ پيدا *91 سال ھن دنيا ۾ رهيا *561 ھجري ۾ پاڻ ھن دنيا مان پردو ڪري ويا.

واہ کیا مرتبہ اے غوث ہے بالا تیرا                                                            اُونچے اُونچوں کے سَروں سے قدم اعلیٰ تیرا

سَر بھلا کیا کوئی جانے کہ ہے کیسا تیرا                                                        اولیا ملتے ہیں آنکھیں وہ ہے تلوا تیرا([1])

يارهين وارو پير چوڻ جو سبب

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي يارهين وَارو پير سڏيو ويندو آھي، جڏهن ته حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ايصال ثواب جي محفل کي يارهين شريف سڏيو ويندو آھي. ان جا ڪيترائي سبب آهن، مثال طور *حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي وصال جو ڏينهن 11 ربيع الآخر آهي، ان ڪري کين يارهين وارو پير چيو ويندو آھي *حضور غوث پاڪ
رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو شجرو 11 واسطن سان امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ سان وڃي ملي ٿو ([2]) *سندن طريقت وارو شجرو (يعني سندن پير، پوءِ انهن جا پير، پوءِ انهن جا پير ايئن جيڪا لڙي آهي، هي سندن شجرو شريف آھي) 11 واسطن سان مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ سان وڃي ملي ٿو *مشهور مفسر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنھنجي ڪتاب جاءالحق ۾ ان جي ٻي نهايت پياري ۽ ايمان افروز ڳالھ لکي آهي ته حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ٻارھين شريف واري يعني ٻنھي جھانن سردار مڪي مدني تاجدار صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ميلاد پابندي سان ملهائيندا ھئا. ھڪ ڏينھن رسول ذيشان مڪي مدني سلطان صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ تشريف کڻي آيا ۽ فرمايائون عبدالقادر! توهان اسان کي 12 ٻارهين سان ياد ڪيو، اسان توکي يارهين ڏيون ٿا .جيئن ته اهو هڪ سرڪاري عطيو آهي، ان ڪري سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو .  الحمدلله!


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:19۔

[2]... زبدة الآثار، ذکر نسبہ وصفتہ، صفحہ:35-36۔