Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

. * عورتن وانگر ڊگھا ڊگھا وار رکندا آھن * نشي واريون شيون جيئن تہ ڀنگ جو دور هلي رهيو آهي ۽ دعوا ڇا ڪندا آھن: اسان عشق وارا آهيون     * اسان الله سان محبت ڪريون ٿا.

   جيڪڏهن انهن کي چڱا ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني وڃي، نماز پڙھڻ جي دعوت ڏني وڃي، گناهن کي ڇڏڻ جي، رب پاڪ کي ناراض ڪرڻ وارن ڪمن کي ڇڏڻ جي دعوت ڏني وڃي، تہ پوء اهي وڏي جرئت سان چوندا آهن: ميان! نمازون توھان پڙھو! اسان تہ پهتل آهيون. لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ! دعو ا خدا جي محبت جي...! ڪم اللہ پاڪ کي ناراض ڪرڻ وارا ۽ ان تي وري ايتري جاهلن واري جرئت..!  نماز الله جي حضور ۾ حاضري آهي، نماز ڄڻ ته الله پاڪ سان ملاقات آهي، نماز پڙهڻ وقت ڄڻ تہ ٻانھوالله پاڪ جي درٻار ۾ پنهنجون التجائون پيش ڪري رهيو ھوندو آهي. ڇا ڪو اھڙو محبت ڪرڻ وارو بہ ٿي سگھي ٿو جيڪو پنھنجي محبوب سان ملڻ پسند نه ڪندو ھجي، جڏھن محبوب سان ملڻ جو وقت اچي تہ چئي: مان پهتل آهيان، مون کي پنهنجي محبوب سان ملڻ جي ضرورت ناهي؟ حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سچ فرمايو ته ها! ھو پهتل آھي پَر ڪاٿي؟ دوزخ ۾۔ ([1]) الله پاڪ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو:

وَ اعْبُدْ رَبَّکَ حَتّٰی یَاْتِیَکَ الْیَقِیْنُ (۹۹) (پارہ14،سورۃالحجر:99)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ پنهنجي ربّ جي عبادت ڪندو رھ تان جو توکي موت اچي وڃي.

  معلوم ٿيو جيڪو چاهي ڪٿي به پھچي وڃي جيستائين زنده آھي، عقل سلامت آھي ان وقت تائين عبادت کان پاسيرو نٿو ٿي سگهي. باقي رھيو اھڙن نادانن جي محبت الٰهي جي دعوا ڪرڻ تہ ڪجھ صوفين سڳورن ”محبت الٰھيجي تعريف


 

 



[1]...اَلْیَوَاقِیْت وَالْجَوَاہِر، جُز:1، صفحہ:206۔