Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

ئي ھي ڪئي آھي. مُوَاطَاَۃُ الْقَلْبِ لِمُرَادَاتِ الرَّبِّ ترجمو اللہ پاڪ جي مرضي جي سامھون دل کي جھڪائي ڇڏڻ. ([1])

ھي آھي محبتِ الٰهي! معلوم ٿيو جيڪو انسان پاڻ کي الله پاڪ جي حڪمن، الله پاڪ جي رضا وارن ڪمن ۽ الله پاڪ جي مرضي جي سامهون جهڪائي ناهي ڇڏيندو، اهو اڃا تائين محبتِ الٰهي جي "ميم" تائين به نه پهتو آهي. اھڙا ماڻھو ڪڏھن بہ اللہ پاڪ جا وليءَ ناھن پر حقيقت ۾ دين جا دشمن، سستي شھرت جا طلبگار، الله پاڪ جي ٻانھن کي اللہ پاڪ کان پري ڪرڻ وارا آھن، اسان سڀني تي لازم آھي ته اھڙي جاھلن کان ھميشه پري رھون ۽ پنھنجي ايمان جي حفاظت جي لاءِ سوچيندا رهون. الله تعاليٰ اسان کي صحيح ۽ غلط جي سچي سڃاڻپ نصيب فرمائي.

اٰمِیْنْ بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْنِ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ

دل کي الله کان خالي ڪري ڇڏيو

حضرت شيخ ابوصالح مغربي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا ته مان پنھنجي مرشد جي حڪم تي فقر(غيراللہ کان بي نيازي) جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي درٻار ۾ پهتس.

ھڪ ڏينھن حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مونکي فرمايو: اي ابو صالح! جيڪڏهن توھان فقر حاصل ڪرڻ چاھيو ٿا تہ بغير واسطي وسيلي جي ان کي حاصل نه ڪري سگھندؤ. ياد رکو! فقر حاصل ڪرڻ جو وسيلو توحيد آھي ۽ توحيد جي اصل ھي آھي ته دل مان اللہ پاڪ کان سواءِ سڀني جو خوف ڪڍي ڇڏي ۽ دل کي(غير اللہ جي خوف، دنيا جي محبت، نفساني خواهشن جي پيروي کان) صفا پاڪ ڪري ڇڏي.

 مون عرض ڪيو: اوھان ئي مون کي اھا خوبي عطا فرمايو. اھا ڳالھ ٻڌي


 

 



[1]...رسالہ قشیریہ، صفحہ:350۔