Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

ڪري حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مون تي ڪرم جي نظر وڌي، منھنجي دل مان اھا (يعني غير الله تي ڀروسو ڪرڻ،، دنيا جي محبت، نفساني خواهشن جي پيروي جي) ڪيفيت ايئن پري ٿئي جو جيئن ڏينھن جي اچڻ سان رات جي اونداھي پري ٿي ويندي آھي، بس انهيءِ ڪرم واري نگاھ جو صدقو آھي جو ڪم ھلي رھيو آھي[1]

بندہ قَادِر کا بھی، قادربھی ہے عَبْدُالقَادِر                                               سِرِّ باطن بھی ہے ظاہِر بھی ہے عَبْدُالقَادِر

مفتئ شرع بھی ہے، قاضِئ ملّت بھی ہے                                    عِلْمِ اَسْرار سے ماہِر بھی ہے عَبْدُالقَادِر

ذی تَصَرُّف بھی ہے مَاذُوْن بھی مختار بھی ہے                      کارِ عالَم کا مُدَبِّر بھی ہے عَبْدُالقَادِر([2])

 وضاحت: اسان جا غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عبد القادر آھن يعني قدرتن واري رب ڪريم جا ٻانھا آھن ، اللہ پاڪ کيس قدرت ڏني آھي، پاڻ ظاھري ۽ ڳجھي شين جا رازدان آھن، شريعت جا مفتي بہ آھن، ملت جا قاضي به آھن، ڳجھي علمن جا به ماھر آھن، اللہ پاڪ کين طاقتون ڏنيون آھن، کين زماني کي ھلائڻ جي به اجازت آھي.

دل کي غيرن کان خالي رکو

پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ ھڪ تہ ھي ذڪر آھي ته حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه دلين تي حڪومت رکندا آھن ۽ حڪومت بہ ڪھڙي...؟ ھڪ نظر وجھي دل کي غيرالله کان خالي ڪري ڇڏيائون ۽ خالي بہ ايئن ڪيائون جو وري سڄي زندگي ۾ ڪڏھن بہ غيراللہ جي طرف دل مائل نه ٿئي...!

  وري هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ ھڪ سبق بہ آھي، جيڪڏھن اسان وڏو مرتبو چاھيون ٿا، اللہ پاڪ جي بارگاهه ۾ قرب چاھيون ٿا، اللہ پاڪ جي رضا جا طلبگار آھيون، تہ ان جي لاءِ دل کي غير اللہ کان خالي ڪرڻو پوندو، دنيا جي محبت،


 

 



[1]...  بَہْجَۃُ الْاَسْرَار ، ذکر فصول من کلامہ...الخ، صفحہ:105 ملخصاً۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:69ملتقطًا۔