Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

سخت نقصان به ٿي سگهي ٿو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

محفوظ سدا رکھنا خدا بے ادَبوں سے                                                                     اور مجھ سے بھی سرزد نہ کبھی بے ادَبی ہو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

غوث پاڪ جي دلين تي حڪومت

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو؛ 100 اهل علم غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو امتحان وٺڻ جي لاءِ آيا، پاڻ گهڙي کن ۾ انھن سڀني جي علم تي تَصَرُّف فرمايو، سڀني جي دلين مان علم ڇڪي ورتو، پوء رحم ۽ ڪرم فرمائيندي، سڀني کي علم واپس به موٽائي ڇڏيو. هن مان معلوم ٿيو تہ؛ الله تعاليٰ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي دلين جو قبضو عطا ڪيو آهي. پاڻ جڏھن چاهيندا آهن ۽ جنھن جي دل تي چاهيندا آھن تَصَرُّف ڪندا آھن.

 جيئن ته شيخ شهاب الدين سهروردي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا ته مان پنهنجي چاچي سائين حضرت نجيب الدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان گڏ غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي درٻار ۾ حاضر ٿيس. اسان جيستائين حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي درٻار ۾ حاضر رھياسين منھنجو چاچو سائين ادب ۽ خاموشي سان غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڏانهن مُتَوَجّہ ٿي ويٺل رھيو، جڏهن اسان اتان واپس آياسين ته مون چاچا سائين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان پڇيو: ڪهڙو سبب آهي جو توهان حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي درٻار ۾ اهڙي ادب سان ويٺا هيؤ. منهنجي چاچي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: آئون ڇو نه ان شخص جو احترام ڪريان جنهن کي الله تعالي منهنجي بلڪ تمام ولين جي دلين تي ۽ انهن جي حالتن تي قبضو ڏنو آھي.

واہ کیا مرتبہ اے غوث ہے بالا تیرا                                                            اُونچے اُونچوں کے سَروں سے قدم اعلیٰ تیرا

سَر بھلا کیا کوئی جانے کہ ہے کیسا تیرا                                                        اولیا ملتے ہیں آنکھیں وہ ہے تلوا تیرا([1])


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:19۔