Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

وَّ لٰکِنَّ اللّٰہَ یُسَلِّطُ رُسُلَہٗ عَلٰی مَنْ یَّشَآءُ ؕ      (پارہ:28، سورۂ حشر:6)

ترجموڪنزالعرفان: ها الله پنهنجي رسولن کي جن تي چاهيندو آهي غلبو ڏيندو آهي.

خبر پئي؛ اللہ پاڪ چاھي تہ پنھنجي محبوبن کي * اکين ۽ * ڪنن تي قبضو عطا فرمائيندو آھي* ھٿن پيرن تي قبضو عطا فرمائيندو آهي . * دل ۽ دماغ * ھوش و حواس تي قبضو عطا فرمائيندو آهي * نه ان جي قدرت ۾ ڪمي آھي ۽ نہ ان جي عطائن ۾ تنگي آهي.[1]

فرشتن جو دلين تي قبضو

ان کان پوءِ اعلٰي حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان جا ڪجهه مثال ذڪر ڪيا، لکن ٿا ته:     * ڇا ملائڪ دلين ۾ نيڪ اِرادا ناهن وجھندا؟ دلين کي بُرن ارادن کان ناهن موڙيندا...؟ بيشڪ الله جي عطا سان ملائڪ به دلين ۾ نيڪ نيتون وجھندا آھن، دلين کي خراب ڳالھين کان پري به ڪري ڇڏيندا آھن. حديث پاڪ ۾ آھي: ھڪ دفعو سرڪار عالي وقار مڪي مدني تاجدار صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ھڪ رستي تي تشريف کڻي آيا، اتي موجود صحابي سڳورن کي فرمايائون: ڇا توھان اتان کان ڪنهن کي لنگهندي ڏٺو آهي؟ عرض ڪيائون: جي ها! يارسول الله صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! دِحْيَہ ڪَلْبِي ھاڻي هتان کان گذريا آهن. پاڻ فرمايائون: ھي دِحْيَہ ڪَلْبِي نه پر جبرائيل امين عليه السلام هو، جيڪو غير مسلمن جي دلين ۾ رُعب وجهڻ آيو هو.

 معلوم ٿيو؛ الله پاڪ پنهنجي ملائڪن کي اها طاقت ڏني آھي جو هو ٻانهن جي دلين تي تَصَرُّفْ ڪندا آھن، انهن جي دلين ۾ رعب وجهندا آھن، ۽ خوشين جي ڪيفيت بہ پيدا ڪندا آھن. جڏهن الله تعاليٰ اها طاقت فرشتن کي ڏئي سگهي ٿو ته پوءِ اها طاقت پنهنجي صالح ٻانهن کي ڇو نٿو ڏئي سگهي...؟ هو ضرور ڏئي سگهي ٿو ۽ ڏيندو بہ آھي.[2]


 

 



[1] فتاویٰ رضویہ، جلد:21، صفحہ:379- 380 بتصرف ۔

  [2] فتاویٰ رضویہ، جلد:21، صفحہ: 380-381 بتصرف ۔