Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

ڏاڍو خوش آهي ۽ جهولي ۾ لڏي رهيو آهي. خواب ڏسندڙ کانئس پڇيو: تون هتي ڪيئن پهتين؟ اُن نوجوان جواب ڏنو: مان دعوت اسلامي جي مدني قافلي سان آيو آهيان، الله پاڪ جو وڏو ڪرم ٿيو آهي، منهنجي ماءُ کي چئي ڇڏجان ته منهنجو غم نه ڪري، مان هتي تمام گهڻي سکون سان آهيان.

لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو                         سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو

پاؤگے بخششیں قافلے میں چلو                        جنّتیں بھی ملیں، قافلے میں چلو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

صراط الجنان جي ايپلي ڪيشن جو تعارف

  دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ پاران هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Sirat ul Jinan Quran & Tafsir (صِرَاطُ الجِنان قرآن اینڈ تفسیر). هن ايپلي ڪيشن ۾ شامل آهن: *مڪمل قرآنِ پاڪ * اعليٰ حضرت، امامِ اهلِ سنت، شاه امام احمد رضا خان رحمةُ اللهِ عليه جو لکيل ترجمو ڪنزُ الايمان *آسان ترجمو، ترجمو ڪنزُ العرفان ۽ * آسان انداز ۾ لکيل تفسير صراطُ الجنان شامل آهي * توهان قرآن پاڪ، ترجمو ۽ تفسير آڊيو ۾ به ٻڌي سگهو ٿا. * عام طور تي روزانو تلاوت ٿيندڙ سورتن کي به الڳ سان جمع ڪيو ويو آهي. * مدني چينل تي هلندڙ تفسيرِ قرآن ۽ مختلف قرآني پروگرامن کي پڻ هن ايپلي ڪيشن ذريعي آساني سان ڏسي سگهجي ٿو.     * وڌيڪ هي ته قرآني آيتون، ترجمو ۽ تفسير کي واٽس ايپ(WhatsApp)، فيس بڪ (Facebook) وغيره تي پنهنجن دوستن سان شيئر ڪري سگهو ٿا .هيءَ ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائيل ۾ انسٽال ڪريو، دين جو علم حاصل ڪريو ۽ ٻين تائين پهچائي نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب حاصل ڪريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد