Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

مُشکل ہو آساں!                                          غوثِ پاک                                           دو دَرد کا دَرْمَاں!                                                  غوثِ پاک

فرماؤ اِحْساں!                                                         غوثِ پاک                                           راحت کا سَاماں!                                             غوثِ پاک

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

الله وارن جي پهچان

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حديث پاڪ ٻڌي سون ته الله جو ولي ڪير ھوندو آهي؟ اسان جي آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو ته الله جو ولي اهو آهي جنھن کي ڏسي ڪري رب ياد ايندو آهي جنهن جون ڳالھيون عمل جي جذبي کي وڌائينديون آهن ۽ ان جا اعمال ڏسي ڪري آخرت جي ياد ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. انھن 3 نشانين کي پنھنجي دل ۾ رکڻ گهرجي.

لباسِ خضر میں یہاں سینکڑوں راہزن بھی پھرتے ہیں

اگر جینے کی خواہش ہے تو پہچان پیدا کر

وضاحت: لباسِ خضر جو مطلب آهي رستو ڏيکاريندڙ، ۽ رهزن جو مطلب آهي ڌاڙيل. لهٰذا انجي معني ھي ٿي ته رهنمائن جي لباس ۾ ايمان جا ڌاڙيل بہ ڦرندا آھن، جيڪڏهن جيئڻ جي خواهش آهي، ته پوءِ ڪجهه سڃاڻپ پيدا ڪريو، يعني ان ڳالھ جي سڃاڻپ ته سچو رھنما ڪير آهي.

ڪيترا ئي اھڙا آھن جيڪي محبت الٰهي جا وڏا وڏا دعوا ته ڪندا آهن، اهي پنهنجي طرفان وڏا بزرگ بڻجي ويندا آهن، پر انهن جي حالت اهڙي هوندي آهي جو *انهن کي ڏسي ڪري رب جي ياد اچڻ ته پري جي ڳالهه آهي، ان جي ابتڙ غفلت وڌي ويندي آهي*انھن جون ڳالھيون ٻڌي دليون مردا ٿي وينديون آھن *انھن جا ڪم اھڙا جو خدا کان ڊڄڻ وارا ڪنن کي هٿ لڳائين توبه توبه ڪرڻ لڳن...!! الله پاڪ کي ناراض ڪرڻ وارا ڪم ڪرڻ ۾ بهادر ھوندا آهن. * نمازون قضاء ڪندا آهن * روزا ناھن رکندا * صدقو ۽ خيرات ناھن ڏيندا