Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سان مريد ٿي ڪري ماڻهن کي ڪھڙا ڪھڙا فائدا حاصل ٿيا، ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون نصيب ٿيون.

* امير اهلسنت جو مريد ٿي ڪري لکين بي نمازي نمازي بڻجي ويا، نہ صرف نمازي پَر نمازون پڙھائڻ وارا يعني امام بڻجي ويا،*هزارين عالم بڻجي ويا،* مفتي بڻجي ويا، * حافظ بڻجي ويا،*گهر ۾ ديني ماحول بڻجي ويو* ڏاڙهيون اچي ويون * عماما سجي ويا.* مديني جي محبت نصيب ٿي*حج جو شوق نصيب ٿيو*ڪيئي حاجي بڻجي ويا*نعتون پڙھڻ ۽ ٻڌڻ جو شوق ۽ ذوق نصيب ٿي ويو*عشق رسول مليو *غوث پاڪ ۽ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو تعارف ٿيو. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن اسان غور ڪندا وڃون ته اهڙا سوين مثال ملندا جيڪي اميراھلسنت جو مريد ٿيڻ جي برڪت سان حاصل ٿيا. الغرض مريد ٿيڻ جي برڪت سان انسان دنيا ۽ آخرت ۾ سعادتمند ٿي ويندو آهي.

بيعت جو تعارف ۽ افاديت ۽ فضائل

پيارا اسلامي ڀائرو! سلسله عاليه قادريه هڪ تمام برڪت وارو سلسلو آهي. الحمدلله! شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ به قادري سلسلي ۾ بيعت آھن. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بہ قادري سلسلي ۾ بيعت آهن ۽ الحمدلله باقي جيترا بہ طريقت جا سلسلا آھن مثلاً: سلسله نقشبنديه، سھرورديه، چشتيه انھن سڀني سلسلن ۾ به حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو ئي فيضا پهچي ٿو. قادري سلسلي جا پيشوا ۽ شهنشاھ حضور شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آھن ۽ هي سلسلو الحمدالله! مسلمانن جي چوٿين خليفي، ولايت جي شهنشاهه حضرت موليٰ علي شير خدا رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ سان مليل آهي ۽ ان کان اڳتي مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مليل آھي. الحمدلله! شيخ طريقت امير اهلسنت دامت برکاتھم العاليہ کي پنھنجي پير ۽ مرشد غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان تمام گهڻي محبت