Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

ڏندڻ ڪرڻ جون سنّتون ۽ آداب

 2 فرامينِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): ٻه رڪعتون ڏندڻ ڏئي ڪري پڙهڻ بنا مسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهي[1] (2) ڏندڻ جو استعمال پنهنجي لاءِ لازم ڪريو ڇو ته هن ۾ وات جي صفائي ۽ ربّ جي رضا جو سبب آهي. [2]

 اي عاشقانِ رسول! حضور نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر رات جو ڪيئي ڀيرا ڏندڻ ڪندا هئا، هر ڀيري سمهڻ وقت به ۽ جاڳڻ وقت به * بنا سٺي نيّتن جي ڏندڻ جا طبي فائده (Physical Benefits) حاصل ته ٿيندا پر ثواب نه ملندو. مثال طور وُضو جي لاءِ ڏندڻ ڪرڻو هجي ته هيئن ٽي نيّتون ڪري وٺو: رضاءِ الاهي، سنّت جي ادائگي ۽ ذڪر ۽ درود جي لاءِ پنهنجي وات کي صاف رکڻ جي لاءِ ڏندڻ ڪندس * مشائخِ ڪرام فرمائن ٿا: جيڪو شخص ڏندڻ جو عادي هجي مرڻ وقت ان کي ڪلمو پڙهڻ نصيب ٿيندو * حضرت عبد الله ابن عباس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُما کان روايت آهي ته ڏندڻ ۾ ڏھ (10) خوبيون (Qualities) آهن: وات صاف ڪندو آهي، گُڊن (Gums) کي مضبوط بڻائيندو آهي، نظر وڌائيندو، بلغم (Phlegm) ختم ڪندو آهي، وات جي ڌپ ختم ڪندو آهي، سنت جي موافق آهي، فرشتا خوش ٿيندا آهن، ربّ راضي ٿيندو آهي، نيڪي وڌائيندو ۽ معدو


 

 



[1]... اَلتَّرغِیْب وَالتَّرہیب، كتاب: الطہارۃ، الترغیب فی السواک، صفحہ:86، حدیث:18۔

[2]... مسند امام احمد، جلد:2، صفحہ:438، حدیث:5869۔