Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

صديون گذرڻ کان پوءِ به غلامانِ غوثِ اعظم اڄ تائين خاص ڪري ربيع الاخر ۾ ۽ هر اسلامي مهيني جي 11 تاريخ تي يارهين شريف جو جوش ۽ جذبي سان اہتمام ڪندا آهن. ([1])

تیرے جَدْ کی ہے بارہویں غوثِ اعظم                                                                            ملی ہے تجھے گیارہویں غوثِ اعظم

کوئی ان کے رُتبہ کو کیا جانتا ہے                                                                                                            مُحَمَّد کے ہیں جانشیں غوثِ اعظم

ہوئے اَولیا ذی شرف گرچہ لاکھوں                                                                                          مگر سب سے ہیں بہتریں غوثِ اعظم

تجھے سب نے جانا، تجھے سب نے مانا                                                                                 تری سب میں دُھومیں مچیں غوثِ اعظم([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

امتحان وٺڻ وارا امتحان ۾ پئجي ويا

بهجة الاسرار شريف، جيڪا حضور غوث رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪو زندگيءَ تي لکيل معتبر ۽ مستند ڪتاب آهي، ان ۾ لکيل آهي: جڏهن حضور غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن مشهور ٿيا. ماڻھون سندن وٽ اچڻ ۽ سندن بيان ٻڌڻ ۽ نيڪ بڻجڻ لڳا، بعض عالمن کي ڪجھ شڪ ٿيو، جيئن ته بغداد جا 100 وڏا وڏا عالم، جيڪي تمام گهڻو ماهر عالم ۽ نهايت ذهين هئا، انهن پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو ۽ هڪ سئو (100) مختلف ديني مسئلا گڏ ڪيا، فيصلو اهو طئي ٿيو ته سڀئي غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ وڃي پنهنجو پنهنجو مسئلو پڇندا ته جيئن معلوم ٿئي ته سندن علمي مقام ۽ مرتبو ڇا آهي. جيئن ته سڀني تمام گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ پنهنجي مرضيءَ موجب تمام ڏکيا مسئلا کنيا ۽ غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مجلس ۾ پهچي ويا.

 حضرت شيخ مفرج رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مان به ان وقت مجلس ۾ حاضر هيس.


 

 



[1]... جاء الحق،صفحہ:220خلاصۃً۔

[2]...قبالۂ بخشش، صفحہ:166، 168 ملتقطاً۔