Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

الله وارن جي سامھون علم جو غرور

حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو ئي واقعو آھي. پاڻ بغداد شريف ۾ جامعه نظاميہ ۾ پڙھائيندا ھيا، ھڪ ڏينھن پاڻ ۽ سندن مدرسي جي ٻن ساٿين ابنِ سقا ۽ شيخ عبد اللہ تميمي ملي ڪري غوث نالي ھڪ بزرگ جي زيارت ڪرڻ لاءِ ويا. رستي ۾* ابنِ سقا چيو : مان ان بزرگ کان اھڙو مسئلو پڇندس جو اُھو جواب نہ ڏئي سگهندو، * شيخ عبدالله تميمي چيو :مان بہ ھڪ مشڪل سوال پڇندس ڏسان تہ ھو ڪھڙو جواب ڏين ٿا. حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي تہ وري ڇا ڳالھ آھي پاڻ فرمايائون :اللہ پاڪ جي پناھ! مان تہ ڪو سوال نہ پڇندس بلڪه انھن جي زيارت جي برڪت وٺندس.

 ھاڻي اِھي ٽئي شخصيتون ان بزرگ وٽ پھتيون٬ ان بزرگ ابنِ سقا کي ڏسندي ئي جلال ۾ اچي ڪري فرمايو :اي ابنِ سقا! تنھنجي ھلاڪت ٿي، تون مون کان اھڙو مسئلو پڇا ڪرڻ آيو آھين ، جنھن جو مونکي جواب نہ ايندو. ٻڌ! اُھو مسئلو ھي آھي ۽ ان جو جواب ھي آھي. بيشڪ مان تنھنجي اندر ڪفر جي باھ ڀڙڪندي ڏسي رھيو آھيان. پوءِ وري شيخ عبد اللہ تميمي کي فرمايائون: تون منهنجي علم جو امتحان وٺڻ آيو آھين، ٻڌ ! تنھنجو سوال ھي آھي ۽ ان جو جواب ھي آھي ۽ تنھنجي بي ادبي جي ڪري مان ڏسي رھيو آھيان تہ دنيا تنھنجي ڪنن تائين پھچندي.

 پوءِ ان بزرگ حضور غوث اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڏي پيار سان نھاريو ۽ فرمايو :اي عبد القادر! توھان ادب جي ڪري اللہ ۽ ان جي رسول کي راضي ڪيو، آئون ڏسي رھيو آھيان تہ اوھان بغداد جي منبر تي ويھي ڪري فرمائي رھيا آھيو: قَدَمِیْ ہَذِہٖ عَلیٰ رَقَبَۃِ کُلِّ وَلِیِّ اللہِ([1]) (يعني منھنجو قدم تمام ولين جي گردن تي آھي(

جس کی منبر بنی گردنِ اولیا                                                                                                             اس قدم کی کرامت پہ لاکھوں سلام


 

 



[1]...     بَہْجَۃُ الْاَسْرَار ، ذکراخبارالمشایخ عنہ بذالک، صفحہ:19۔