Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
مزيد فرمائن ٿا: جيڪو مُريد راھِ خدا ۾ سفر تي هميشگي(يعني باربار راھِ خدا ۾ سفر ڪندو رهندو آهي) اهو پنهنجي نفس اماره کي جلدي سڌاري ڇڏيندو آهي، ان جا برا اخلاق جلدي سٺن اخلاقن ۾ بدلجي ويندا آهن* ان کي صدق ۽ اخلاص نصيب ٿيندو آهي* ان جي باطن جون برائيون سٺن ڪمن ۾ بدلجي وينديون آهن * ان کي استقامت نصيب ٿيندي آهي * راھِ خدا ۾ سفر جو هڪ وڏو فائدو هي به آهي ته ان جي برڪت سان خود پسندي ۽ تڪبر ختم ٿي ويندو آهي، انسان جا پنهنجا عيب اُن تي ظاهر ٿي ويندا آهن، پوء انسان ان جي علاج ۾ لڳي ويندو آهي.[1] حديث پاڪ ۾ آهي: جڏهن الله پاڪ ڪنهن سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي ته ان ۾ ٽي خصلتون پيدا ڪري ڇڏيندو آهي، انهن مان هڪ هي به آهي ته ان جا عيب اُن تي ظاهر فرمائي ڇڏيندو آهي.
خبر پئي ته راه خدا ۾ سفر جي سعادت ملڻ ڀلائين جا دروازا کلڻ جي نشاني آهي.
پيارا اسلامي ڀائر! ڏسو هي ڪيترا وڏا فائدا آهن، اسان ائين چئي سگهون ٿا ته راه خدا ۾ سفر مڪمل رياضت آهي، پنهنجو باطن پاڪ ڪرڻ جو ڪامياب ترين علاج آهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته گهر نه ويٺا رهون، عام طور تي ائين ئي زندگي گذري رهي هوندي آهي، گهر کان دڪان، دڪان کان گهر، پنهنجي گهر پنهنجي محلي ۾ ئي آهيون، ٻاهر نڪرئون ئي نه ٿا. دين جو ڪم ائين ناهي ٿيندو. باطن جي صفائي ائين نصيب ناهي ٿيندي *دل صاف ڪرڻي آهي *پاڻ کي سڌارڻو آهي *نيڪين جي عادت پيدا ڪرڻي آهي*گناهن کان نفرت دل ۾ پيدا ڪرڻي آهي *نيڪ نمازي بنجڻو آهي *تهجد گذار بنجڻو آهي *اخلاق سڌارڻا آهن *باڪردار۽ با اخلاق مسلمان بنجڻو آهي ته ان جي لاء