Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
* بخاري ۽ مسلم جي روايت آهي! رسُول ذيشان، مڪي مدني سُلطان فرمايو؛ الله پاڪ جي راھ ۾ صبح يا شام ڪرڻ دنيا ۽ جيڪو ڪجهه دنيا ۾ آهي سڀني کان بهتر آهي[1].
*حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڪنهن ٻانهي تي راھِ خدا جي مٽي ۽ دوزخ جو دونهون جمع نه ٿي سگهندو[2].
مشهور مفسر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: راھِ خدا جي ڌوڙ اها ڌوڙ آهي جيڪو رب جي رضا لاء سفر ڪري ۽ اتان جي مٽي هن جي جسم، ڪپڙن، پيرن يا چهري تي لڳي. حديث پاڪ جي معنيٰ هي آهي ته جيئن ٻه ضد جمع نه ٿا ٿي سگهن (مثلاً باهه ۽ پاڻي ملي نه ٿا سگهن ) ائين ئي الله پاڪ راھِ خدا جي مٽي ۽ دوزخ جي دونهي کي پاڻ ۾ ضد ٺاهي ڇڏيو آهي. اهي ٻئي هڪ جڳهه تي جمع نه ٿا ٿئي سگهن.[3]
پياري نبي، سچي نبي رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مسافر الله پاڪ جا محبوب ٻانها آهن. پڇيو ويو: ڪير مسافر....؟ فرمايائون: اهي جيڪي پنهنجي دين جي لاء هِتي کان هُتي اُتان کان هِتي سفر ڪندا رهن ٿا، قيامت جي ڏينهن انهن کي حضرت عيسي عَلَيۡهِ السَّلَام وٽ جمع ڪيو ويندو.
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائر! راھِ خدا ۾ سفر ڪرڻ وارن جي ڇا شان آهي....!! الله پاڪ جي نبي حضرت عيسي عَلَيۡهِ السَّلَام جي هي خصوصي شان آهي ته پاڻ دنيا