Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
فرمانِ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: سڀني سُرمن مان بهتر سرمو اِثمد آهي ڇو ته هي نگاھن کي روشن ڪندو ۽ پلڪون پيدا ڪندو آهي.[1]
اي
عاشقانِ رسول! *
پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي ۽
* ڪارو
سرمو يا ڪاجَل زينت جي نيّت سان (يعني خوبصورتي جي نيّت سان) مرد کي پائڻ مڪروھ
آهي ۽ زينت مقصود نه هجي ته ڪراهت ناهي، * سرمو رات جو سمهڻ وقت استعمال ڪرڻ سنّت آهي
* سرمو
استعمال ڪرڻ جي 3 منقول طريقن جو خلاصو پيشِ خدمت آهي: (1): ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي
ٽي سرايون (2): ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي سرايون ۽ کاٻي اک ۾ 2 (3): ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾
ٻه ٻه ۽ پوءِ آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي ئي واري واري سان ٻنهي اکين ۾
لڳايو اهڙيءَ طرح ڪرڻ سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
ٽنهين طريقن تي عمل ٿيندو رهندو.
اي عاشقانِ رسول! ادب ۽ تعظيم جا جيترا به ڪم آهن سڀ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ساڄي پاسي کان شروع ڪندا هئا، تنهنڪري پهريان ساڄي اک ۾ سرمو لڳايو پوءِ کاٻي ۾.[2]
عجب نہیں کہ لکھا لوح کا نظر آئے! جو نقشِ پا کا لگاؤں غبار آنکھوں میں
مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔ الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم