Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

سبحان الله! پيارا اسلامي ڀائر! مؤمن ٻانهي جي به ڇا شان آهي، نه پيدا ٿيڻ اسان جي اختيار ۾ آهي نه مرڻ اسان جي اختيار  ۾ آهي.

لائی حیات، آئے، قضا لے چلی، چلے                                                                                             نہ اپنی خُوشی نہ آئے، نہ اپنی خُوشی چلے               ([1])

اسان پيدا اتي ٿيندا آهيون جتي الله پاڪ چاهيندو آهي، روح اُتي نڪرندو آهي جتي الله پاڪ چاهيندو آهي. پر جيئن ته ٻانهو مؤمن آهي، ان جي دل ۾ ايمان جو نور هوندو آهي، ان  ڳچيءَ ۾ غلامي رسول جو پٽو پائي رکيو آهي، ان ڪري ان جو غير اختياري ڪم به الله پاڪ جي بارگاھ ۾ مقبول آهي، ان تي ثواب عطا ڪيو ويندو آهي. ٻي طرف جيڪو غلام مصطفي ناهي، غير مسلم آهي، ان جي ارادي ۽ اختيار سان ڪيل سٺا ڪم به قبول ناهن، انهن تي به آخرت ۾ ثواب  نه ڏنو ويندو.

اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  لکن ٿا:

مؤمن اُن کا کیا ہوا اللہ اُس کا ہو گیا                                                                                                                                                        کافِر اُن سے کیا پِھر اللہ ہی سے پِھر گیا

وہ کہ اُس دَر کا ہوا، خَلْقِ خُدا اس کی ہوئی                                                                                                                                       وہ کہ اُس دَر سے پِھرا اللہ اُس سے پِھر گیا

 

وضاحت! دنيا ۽ آخرت ۾ نجات جو معيار غلامي مصطفي آهي، جنهن ان غلامي کي اختيار ڪيو، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ مقبول ٿي ويو ۽ سڄي خدا جي مخلوق هن جي فرمانبردار ٿي وئي ۽ جنهن ان غلامي جو انڪار ڪيو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ مردود ٿي ويو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                   صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

مديني ۾ مرڻ سعادت آهي

پيارا اسلامي ڀائر! هي وضاحت ڪيان ته مديني ۾ مرڻ سعادت آهي. حديث پاڪ


 

 



[1]...کلیاتِ ذوق، صفحہ:223۔