Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

ترجموڪنزالعرفان؛ ته انهن جي هر گروه مان هڪ جماعت ڇو نٿي نڪري جيڪا دين ۾ سمجهه حاصل ڪري  (پارو ؛11،سوره توبه؛122)

جنت جو رستو آسان ٿي  ويندو آهي

حضور نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو علم دين سکڻ لاء نڪرندو آهي الله پاڪ ان جي  لاء جنت جو رستو آسان ڪري ڇڏيندو آهي.[1]

پيارا اسلامي ڀائر! غور فرمايو! علم دين سکڻ لاء راه خدا ۾ سفر ڪرڻ ڪيترو فضيلت وارو ڪم آهي. جنت ۾ وڃڻ  آسان ناهي، اُن جي لاءِ * نفس اماره سان مقابلو ڪرڻو پوندو آهي*شيطان سان مقابلو ڪرڻو پوندو آهي *خواهشون ڇڏڻيون پونديون آهن * الله پاڪ جي رضا وارا ڪم ڪرڻا پوندا آهن *پوءِ جنت ۾ وڃڻ لاء قيامت جي هولناڪين کان گذرڻ* حساب ڪتاب جو مرحلو *پل صراط......!! افسوس! هزارين مشڪلاتون آهن جنت جو رستو آسان رستو ناهي. قربان وڃو! جيڪو علم دين سکڻ لاءِ سفر ڪندو آهي ان جي لاء جنت جو رستو آسان ٿي ويندو آهي.

علم دين نه سکڻ حسرت جو سبب آهي.

پياري نبي رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايوقيامت جي ڏينهن سڀني کان وڌيڪ حسرت ان کي ٿيندي جنهن کي دنيا ۾ علم دين سکڻ جو موقعو مليو پر ان نه سکيو.[2]

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ موقعو آهي، وقت آهي ساهه هلي رهيا آهن، اسان قيامت جي حسرت کان بچڻ جو سامان ڪيون، مدني قافلن ۾ سفر ڪيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم علم سکڻ نصيب ٿيندو.


 

 



[1] مسلم،كتاب الذكر و الدعاء،باب فضل الاجتماع علی تلاوۃ القرآن، صفحہ:1039، حدیث:2699۔

[2] تاریخ مدینہ دمشق،جلد:51،صفحہ:137۔