Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

مدني قافلن ۾ سفر ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائر! الحمد لله! عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. دعوت اسلامي جي خصوصيتن مان هڪ خصوصيت هي آهي ته اڄوڪي فتنن جي دور ۾ هن ديني تحريڪ ڪيترن ئي نيڪ اعمال تي عمل ڪرڻ اسان لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي . راھِ خدا ۾ سفر کي ئي ڏسو! اسان ان نيڪ ڪم جا فضائل ٻڌا، فائدا ٻڌا،  توهان به سوچي رهيا هوندا ته راھِ خدا ۾ سفر ڪرڻو ڪيئن آهي؟ گهر کان ته روانا ٿي وياسين، هاڻي وڃڻو ڪٿي آهي؟ جٿي وينداسين، اُتي رڪڻو ڪٿي آهي؟ رات ڪٿي گذارينداسين؟ هن سفر ۾ ڪرڻو ڇا آهي؟ هي ته ڏاڍو مشڪل  ڪم آهي؟

الحمد لله! دعوت اسلامي اسان جي هي مشڪل آسان ڪري ڇڏي آهي.  اسان کي صرف ضروري سامان کڻڻو آهي، گهر کان نڪرڻو آهي ۽ فيضان مدينه ۾ دار السنه تي پهچڻو آهي * ان کانپوء وڃڻو ڪيڏي آهي؟ اهو دعوت اسلامي جو ذمو آهي * رهڻو ڪٿي آهي اهو به دعوت اسلامي جو ذمو آهي * سفر جا ساٿي ڪير هوندا اهو به دعوت اسلامي جو ذمو آهي *امير قافله ڪير هوندو اهو به دعوت اسلامي جو ذمو آهي *سفر  جي لاء وياسين هاڻي اتي ڪرڻو ڇا آهي اهو به دعوت اسلامي جو ذمو آهي. الحمد لله مدني قافلن جو پورو نظام ٺهيل آهي * مدني قافلي ۾ وڃي ڇا ڪرڻو آهي؟ *فجر کان پوءِ ڇا ڪرڻو آهي؟ *ٻيپهريءَ ۾ ڇا ڪرڻو آهي؟ * ٽيپهريءَ کان پوء ڇا ڪرڻو آهي؟ * نيڪي جي دعوت ڪيئن ڏيڻي آهي؟ *پنهنجي اصلاح جو سامان ڪيئن ڪرڻو آهي؟ *سکڻو ڇا آهي؟ *سيکارڻو ڇا آهي؟ * اٿڻو ڪيڏي مهل آهي؟ *سمهڻو ڪيڏي مهل آهي *پورو جدول ٺهيل آهي، علم دين سکڻ سيکارڻ جو، پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح ڪرڻ جو هڪ پورو نصاب ٺهيل آهي. اسان کي بس همت ڪرڻي آهي، پنهنجو ضروري سامان کڻي فيضان مدينه پهچڻو آهي.