Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

*تجويد ۽ قراءت سکڻ جي سعادت ملندي آهي، ۽ ڪافي اهڙيون شيون آهن جنهن کي سکڻ جي اسان کي حاجت آهي بلڪ ڪجهه علوم ته اهڙا آهن جنهن جو سکڻ هر مسلمان تي فرض آهي، الحمد لله ! مدني  قافلي جي برڪت سان اهي فرض علوم  سکڻ به نصيب ٿي ويندا آهن.

پوڙهو روئڻ لڳو

هڪ ڀيري عاشقان رسول جو مدني قافلو راھ خدا ۾ سفر تي هو، ان دوران مسجد ۾ سکڻ سيکارڻ جو حلقو لڳايو ويو، اُن ۾ غسل جا فرائض سيکاريا ويا، اهو ٻڌي هڪ پوڙهو روئڻ لڳو. روئيندي چيائين: منهنجي عمر 70 سال ٿي چڪي آهي پر مون کي غسل جي فرضن جي معلومات نه هئي، اڄ مدني قافلي جي برڪت سان مون غسل جا فرض سکي ورتا.  افسوس مون کي ته اها به خبر  نه هئي ته غسل ۾ فرض به  هوندا آهن.

پيارا اسلامي ڀائر! هي صرف هڪ پوڙهي جو حال نه آهي، اسان وٽ اهڙي قسم جا کوڙ مثال موجود آهن، مسلمانن جي هڪ تعداد اهڙي آهي جنهن کي غسل جا فرائض ۽ سنتون معلوم ناهن، نماز جا فرائض ۽ واجبات ۽ سنتون معلوم ناهن هونديون ۽ کوڙ ساريون ضروري بلڪ فرض معلومات انهن کي  ناهي هوندي،  افسوس جي ڳالهه  ته اها آهي ته انهن جو سکڻ جو ذهن به ناهي  هوندو.

اسان مدني قافلن ۾ سفر ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! فرض علوم به سکڻ لاء ملندا، سنتون به سکڻ لاء ملنديون ۽ الله پاڪ چاهيو ته دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي نصيب ٿيندي.

علم دين سکڻ لاء سفر جو حڪم

الله پاڪ  قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

فَلَوْ لَا نَفَرَ مِنْ كُلِّ فِرْقَةٍ مِّنْهُمْ طَآىٕفَةٌ لِّیَتَفَقَّهُوْا فِی الدِّیْنِ