Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
دونهون بلڪ مشڪ يا خوشبو ئي ملندي هن فرمان عالي جو مقصد هي آهي ته جيترو ٿي سگهي بري صحبت کان بچو بري صحبت دين ۽ دنيا برباد ڪري ڇڏيندي آهي ۽ سٺي صحبت اختيار ڪيو ان سان دين ۽ دنيا سنورجي ويندي آهي.[1]
جلال پور بٺيان(ضلع حافظ آباد ، پنجاب پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاء جو واقعو آهي، اهو توبهه کان پهرين گناهن واري زندگي گذاري رهيو هو، علائقي جي بدمعاش ۽ شرابي نوجوانن سان اٿندو ويهندو هو انڪري هو پاڻ به شراب ۽ ٻين گناهن جو عادي ٿي ويو، گار گند ، رڙيون ۽ ماڻهن سان جهڳڙو ڪرڻ وغيره ان جي معمولات جو حصو هو، مطلب ته گهر وارن سان گڏوگڏ علائقي وارا به هن کان بيزار هئا.
ان جي قسمت جو تارو ائين چمڪيو جو هڪ ڀيري ڪنهن اسلامي ڀاء جي سمجهائڻ تي مدني قافلي جو مُسافر بڻجي ويو. اَلحَمۡدُلله! اتي هن کي نيڪ صحبت ملي، سنتن سکڻ جو موقعو مليو، عشق رسول ۽ خوف خدا جي موضوع تي بيان ٻڌڻ نصيب ٿيو، مسجد ۾ رهڻ نصيب ٿيو، ان جي برڪت سان هن توبه ڪئي، مٿي تي پٽڪو سجايو، چهري تي ڏاڙهي مبارڪ به سجائي ۽ الحمد لله! پنهنجي بري عادتن کي ڇڏي نيڪ نمازي ٿي ويو.
(اوباش دعوتِ اسلامی میں کیسے آیا، ص:۴)
دل کی کَلیاں کِھلیں قافِلے میں چلو رنج وغم بھی مِٹیں، قافلے میں چلو
دل کی کالک دُھلے، دردِ عِصیاں ٹلے آؤ سب چل پڑیں ، قافلے میں چلو
کہتے عطّارؔ ہیں ، جو مرے یار ہیں وہ ہر اک سے کہیں ،قافلے میں چلو
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد