Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
شيخ ابو نجيب سهروردي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏا ولي الله ٿي گذريا آهن، سندن انداز مبارڪ هو ته مسجد ۾ هرهر ايندا ويندا هئا ۽ ماڻهن جي چهري کي غور سان ڏسندا رهندا هئا، ڪنهن پڇيو؟ عالي جاھ!اوهان ائين ڇو ڪندا آهيو؟ فرمايائون: الله پاڪ جا نيڪ ٻانها اهڙا به هوندا آهن جيڪڏهن اهي ڪنهن کي هڪ نظر ڏسن ته مالا مال ڪري ڇڏين مان ان نظر جي تلاش ۾ هوندو آهيان.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! هاڻي ڪير اهڙو نيڪ ٻانهو هوندو، اسان ته نه ٿا سڃاڻون ۽ اهڙا نيڪ ٻانها ڪٿي ملندا؟ مسجدن ۾ ئي ملندا، گناهن جي اڏي تي ٿوري ملندا. اسان مدني قافلي ۾ سفر ڪيون، ٿي سگهي ٿو! ڪنهن شهر، ڪنهن ڳوٺ ۾ اهڙي نيڪ ٻانهي جي نظر نصيب ٿي وڃي ۽ اسان جي دنيا ۽ آخرت بهتر ٿي وڃي.
اچّھی صُحبت ملے، خوب برکت ملے چل پڑو چل پڑیں قافلے میں چلو ([2])
الحمد الله! عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي سنتن جي تربيت جي مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ وارن کي جتي بي شمار برڪتون ۽ سعادتون نصيب ٿينديون آهن اتي ئي ديني ۽ دنياوي پريشانين کان نجات جي لاءِ انهن جون گهُريون ويندڙ دُعائون به قبول ٿيڻ جون خوشخبريون ملنديون رهنديون آهن، ڇو ته راه خدا ۾ سفر ڪرڻ وارن جي دعا الله پاڪ رد ناهي فرمائيندو. آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان رحمت نشان آهي: ٽي دعائون اهڙيون آهن جنهن جي قبوليت ۾ ڪو شڪ ناهي (1) مظلوم جي (2) مسافر جي