Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
(3) اولاد جي حق ۾ پيء جي دعا.[1]
حيدرآباد (سنڌ، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاء جو واقعو آهي، ان جي والده جي اکين جو مسئلو هو، آپريشن ڪرايو هو، ان ۾ ڪجهه مسئلو ٿي ويو هو، جنهن جي ڪري ان جي اکين جي روشني بلڪل ختم ٿي وئي، ڊاڪٽرن ان کي چيو ته هاڻي ڀلي انهن کي يورپ کڻي وڃو تڏهن به هن جو علاج نه ٿي سگهندو.
ان هڪ اسلامي ڀاءَ کي پنهنجو ڏک بيان ڪيو، اسلامي ڀاءَ دلاسو ڏيندي چيو: پريشان نه ٿيو، ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو ته ڇا ٿي پيو، توهان مايوس نه ٿيو، مسافر جي دعا قبول ٿيندي آهي، توهان مدني قافلي ۾ سفر ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بهتري ٿيندي .
ان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، جيئن ته اُن مدني قافلي ۾ سفر ڪيو، دوران سفر پنهنجي والده جي لاءِ دُعا ڪندو رهيو، جڏهن گهر آيو ته ماءُ جي اکين جو نور واپس اچي چڪو هو اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
چشمِ بِینا ملے سُکھ سے جینا ملے آؤ سارے چلیں ، قافِلے میں چلو
قافِلے میں ذرا، مانگو آکر دعا پاؤ گے نعمتیں، قافِلے میں چلو
پيارا اسلامي ڀائر! راه خدا ۾ سفر جون ان کان علاوه به گهڻيو برڪتون آهن، توهان به مدني قافلي ۾ سفر ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * بيماريون ختم ٿينديون * تنگدستين کان ڇوٽڪارو ملندو * روزي ۾ برڪت نصيب ٿيندي * دعائون