Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
علم حاصل کرو جَہْل زائل کرو پاؤ گے راحتیں قافِلے میں چلو
سنّتیں سیکھنے تین دن کیلئے ہر مہینے چلیں قافِلے میں چلو
پيارا اسلامي ڀائر! مدني قافلا پري پري علائقن ۾ ويندا آهن، مختلف شهرن، ڳوٺن ۾ ويندا آهن، اتي وڃي رهڻو ڪٿي آهي؟ عاشقان رسول مسجدن ۾ رهندا آهن، ائين مدني قافلن جي برڪت سان گهڻي کان گهڻو وقت مسجد ۾ گذارڻ جي سعادت ملندي آهي.
هڪ ٻي ايمان افروز حديث ٻڌو! نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيئن ڪو ماڻهو گم ٿي وڃي (ان جا گهر وارا ان کي ڳولهيندا رهن پر هو نه ملي پوءِ ڪافي عرصي کان پوءِ اهو وڃايل ماڻهو موٽي اچي ته) جيتري خوشي ان جي گهر وارن کي ٿيندي آهي، الله پاڪ ان ٻانهي سان ايترو ئي خوش ٿيندو آهي جيڪو مسجد کي ذڪر ۽ نماز لاءِ پنهنجو گهر بڻائيندو آهي.[1]
مسجد کي گهر بڻائڻ جو مطلب آهي: جيئن گهر ۾ انسان کي مزو ايندوآهي، ائين ئي مسجد ۾ به اچيس. اهو مطلب ناهي ته جيئن گهر ۾ کل ڀوڳ، ڪچهري ڪندو آهي، ائين ئي مسجد ۾ به ڪرڻ شروع ڪري، مسجد ۾کلڻ قبر ۾ انڌيري جو سبب آهي ۽ هتي دنيا جون جائز ڳالهيون ڪرڻ به نيڪين کي ختم ڪري ڇڏينديون آهن.
* حضرت سعيد بن مسيب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ٻانهو جيستائين مسجد ۾ هوندو آهي، ملائڪ ان جي لاء مغفرت جي دعا ڪندا رهندا آهن.[2] سُبْحٰنَ اللہ! *حضرت