Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
ڪا ڪمي نه ٿيندي.[1]
خوب ہوگا ثواب اور ٹلے گا عذاب پاؤ گے بخششیں، قافلے میں چلو([2])
عاشقان رسول جي صحبت حاصل ڪرڻ جو ذريعو
مدني قافلي ۾ سفر جي هڪ برڪت هي به آهي ته ان سان نيڪ صحبت نصيب ٿي ويندي آهي. جي ها! جيڪي گهر کان نڪتا آهن، ٻارن ٻچن کان دُري اختيار ڪئي، ڪاروبار ڇڏيو، پري پري علائقن ۾ جٿي انهن جو ڪو سڃاڻڻ وارو ناهي، ڪو عزيز مائٽ ناهي، صرف ۽ صرف دين جي خاطر علم دين سکڻ جي خاطر، نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي خاطر، سنتون سکڻ ۽ سيکارڻ جي خاطر سفر ڪرڻ وارا آهن، مسجد کي، الله جي گهر کي، پنهنجي قيام گاھ ٺاهڻ وارا آهن، جيڪڏهن اهي به نيڪ نه ٿيندا ته ٻڌايو ٻيو ڪير نيڪ ٿيندو....؟ الحمد لله! مدني قافلي جا مسافر، پوءِ جتي وڃي رهيا، اُتي رهڻ وارا مسلمان، مسجدن جا نمازي، عاشقان رسول جي صحبت نصيب ٿيندي آهي.
حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: چڱي ۽ بري دوست جو مثال مشڪ کپائيندڙ ۽ بٺي دکائڻ واي جيان آهي، مشڪ کڻڻ وارو يا ته توهان کي ڪجهه ڏيندو يا ته توهان اُن کان خريد ڪندؤ ۽ يا ته توهان اُن کان صرف سٺي خوشبو حاصل ڪندؤ ۽ بٺي دُکَائڻ وارو يا ته توهان جا ڪپڙا ساڙيندو ۽ يا ته توهان هن مان بدبو ماڻيندؤ. [3]
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏي سهڻي مثال ذريعي سمجهايو ويو آهي ته برن جي صحبت فائدو ۽ سٺن جي صحبت ڪڏهن نقصان نه ٿي ڏئي سگهي، بٺي واري کان مشڪ نه ملندو گرمي ۽ دونهون ئي ملندو ۽ مشڪ واري کان نه گرمي ملي نه