Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
عطاء بن ابو رباح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 40 سالن تائين مسجد کي پنهنجو گهر بڻائي رکيو(يعني مسجد ۾ ئي رهيا بلا ضرورت مسجد کان ٻاهر نه نڪرندا هئا) *حضرت مالڪ بن دينار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه (کي مسجد سان ايڏي محبت هوندي هئي) فرمائيندا هئا: جيڪڏهن طبعي حاجتون نه هجن ها ته مان مسجد کان ڪڏهن ٻاهر نه نڪران ها * حضرت ابوصادق رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مسجد ۾ لازمي ويهو ڇو ته مسجد ۾ ويهڻ نبين جو طريقو آهي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! خبر پئي، مسجد ۾ رهڻ، گهڻي کان گهڻو وقت مسجد ۾ گذارڻ نبين جو طريقو آهي، ولين جو طريقو آهي، الحمد لله هي سعادت به اسان کي مدني قافلي جي برڪت سان نصيب ٿي ويندي آهي.
مدني قافلن ۾ سفر جي برڪت سان مسجد ۾ تڪبير اولٰي سان پنج وقت فرض نمازن جي ادائيگي ۽ نفل نمازون تهجد، اشراق، چاشت ۽ اوابين پڙهڻ جي سعادت به نصيب ٿيندي آهي.
هاڻي ڏسو! اسان وٽ عمل جي ڪمي ته آهي ئي، پر علم جي به گهڻي ڪمي آهي، شايد اسان مان ڪيترا اهڙا هوندا جن کي اشراق، چاشت ۽ اوابين جي به خبر نه هوندي ته هي ڪهڙيون نمازون آهن. حالانڪ اوابين کي صالحين(نيڪ ماڻهن جي نماز) چيو ويو آهي. قرآن ڪريم ۾ نماز اوابين پڙهڻ وارن جي باري ۾ فرمايو ويو:[2]
فَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّاۤ اُخْفِیَ لَہُمْ مِّنْ قُرَّۃِ اَعْیُنٍ ۚ جَزَآءًۢ بِمَا کَانُوْا یَعْمَلُوْنَ (۱۷)
ترجموڪنزالعرفان؛ پوءِ ڪنهن ساھ کي معلوم ناهي اها اکين جي ٿڌاڻ جيڪا انهن جي لاءِ انهن جي عملن جي بدلي ۾ لڪائي رکي آهي. (پارہ:21، سورۂ سجدہ:17)