Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺندا، پاڻ به فائدو حاصل ڪندا ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريندا.
* هر هفتي اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني چينل تي لائيو هفيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به مدني چينل تي عشاء کان پوءِ (تقريباً 8 لڳي 15 منٽ تي) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سوالن جا جوابَ به عنايت فرمائيندا. تمام ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به هن جي دعوت ڏين * شيخِ طريقت امير اهلسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ مدني مذاڪري ۾ ”فيضان امام جلال الدين سيوطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه“ رسالي جو اعلان ڪيو ويندو. اهو رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا واٽس ايپ وغيره استعمال ڪن ٿا، رضاء الٰهي ۽ ثواب جي خاطر هن رسالي کي شيئر ڪن*نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ بڻائڻ ۾ معاون ثابت ٿيڻ وارو ڪتاب جنهن مان تقوا حاصل ڪرڻ ۽ ٻين کي پرهيزگار بڻائڻ جو طريقو معلوم ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح مدني قافلن ۾ درس ۽ بيان ڪرڻ، ٻين کي نيڪي طرف سڏڻ، دعائون، سنتون ۽ آداب سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ مددگار ڪتاب ”نيڪ بڻجڻ ۽ بڻائڻ جا طريقه“ مڪتبة المدينه شايع ڪيو آهي. توهان هيءُ ڪتاب مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 800 رپين ۾ قيمت ڏئي حاصل ڪريو! پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏيو!
پيارا اسلامي ڀائر ! بيان کي ختم ڪندي سنت جي فضيلت ۽ چند آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيا ٿو. آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن منهجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سا محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سا گڏ هوندو